وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ شاندار آزادي ريلي ڪڍي وئي

حيدرآباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪستان جي آزادي جي شھيدن جي لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، قومي ايڪي کي هٿي وٺرائڻ ۽ وطن سان محبت جي اظهار لاءِ شاندار آزادي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ريلي ۾ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جو آغاز ڊاڪٽر اي …

حيدرآباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪستان جي آزادي جي شھيدن جي لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، قومي ايڪي کي هٿي وٺرائڻ ۽ وطن سان محبت جي اظهار لاءِ شاندار آزادي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ريلي ۾ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جو آغاز ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم کان ٿيو، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي فيڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن پهتي. ريلي ۾ شريڪ استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن هٿن ۾ قومي جهنڊا کڻي، ”پاڪستان زنده آباد“، ”پاڪ فوج پائنده باد“ ۽ آزادي جي حق ۾ نعرا هڻي وطن سان محبت ۽ قومي يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو، فئڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن پهچڻ تي ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين، جدوجهد ۽ لازوال عزم جو ثمر آهي، جڏهن ته ملڪ جي آزادي جي حفاظت ۽ ان جي ترقي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته شهيدنِ جون قربانيون اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن، تنهن ڪري نئين نسل کي انهن قربانين جو قدر ڪندي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ علم، تحقيق، ڪردار ۽ محنت کي پنهنجو شعار بڻائڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي، صرف معياري تعليم ۽ تحقيق کي ھٿي وٺرائڻ تائين محدود ناهي، پر شاگردن ۾ قومي شعور، حب الوطني، ذميواري ۽ مثبت قيادت جون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هڪ مضبوط، خودمختيار، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان لاءِ اسان کي اختلافن کان مٿانهون ٿي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي چيئرمين اسٽوڊنٽ – ٽيچر انگيجمينٽ پروگرام پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته پاڪستان جي آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ اسان جي شهيدن ۽ ملڪ جي محافظن جون بي مثال قربانيون شامل آهن. هن چيو ته شهيدن ۽ وطن جي محافظن کي حقيقي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسين پنهنجا فرض ايمانداري، محنت ۽ ذميواري سان ادا ڪريون ۽ پاڪستان جي ترقي، اتحاد ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي. ريلي ۾ ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊين ڊاڪٽر غياث الدين شاهه راشدي، ڊين ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊين ڊاڪٽر منير احمد مڱريو، ڊين ڊاڪٽر اعجاز علي کوهارو، ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو ۽ ٻيا آفيسر، استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.

مزید خبریں