سعودي عرب جي نئين قومي فضائي ڪمپني رياض ايئر پاران بنگلاديش لاءِ روزاني جي بنياد تي اڏامن جو اعلان

رياض- 10 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي نئين قومي فضائي ڪمپني رياض ايئر بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا لاءِ سڌي ريت اڏامن جي شروعات ڪئي آهي. رياض ايئر جي ايڪس ڪائونٽ تي پوسٽ مطابق ڍاڪا لاءِ روزاني واري سروس، ايشيا ۾ عالمي نيٽ ورڪ ۾ هڪ ٻي نئين منزل جو اضافو آهي. رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڍاڪا جي شاهه جلال انٽرنيشنل ايئرپورٽ وچ ۾ …

رياض- 10 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي نئين قومي فضائي ڪمپني رياض ايئر بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا لاءِ سڌي ريت اڏامن جي شروعات ڪئي آهي. رياض ايئر جي ايڪس ڪائونٽ تي پوسٽ مطابق ڍاڪا لاءِ روزاني واري سروس، ايشيا ۾ عالمي نيٽ ورڪ ۾ هڪ ٻي نئين منزل جو اضافو آهي. رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڍاڪا جي شاهه جلال انٽرنيشنل ايئرپورٽ وچ ۾ روزاني اڏامن 9-787 ڊريم لائنز جهاز ذريعي هلائي ويندي. رياض ايئر جي پهرين اڏام ڍاڪا ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيوته ان کي واٽر ڪينن جي سلامي ڏني وئي، ان موقعي تي ٿيل تقريب ۾ سعودي عرب ۽ بنگلاديش جا ايوي ايشن ۽ رياض ايئر جا عملدار موجود هئا. ياد رهي ته ڍاڪا، سعودي عرب جي نئين قومي فضائي ڪمپني جي نائين منزل آهي.

مزید خبریں