انقره- 10 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي دفاعي ڪمپني ايس ٽي ايم استنبول نيول شپ يارڊ ۾ ٽن هلڪي ڪار ويٽ جنگي جهازن تي ٻڌل ڪلاس جي ٽئين ۽ آخري جهاز کي لانچ ڪري ڇڏيو، جنهن سان ملائيشيا جي رائل نيوي لاءِ جهازن جي تعمير جو مرحلو مڪمل ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آخري جهاز تي هن وقت اوزار لڳائڻ، مختلف نظامن جي انتظام ۽ ازمائش جو عمل …
ترڪيه ملائيشيا لاءِ ٽن هلڪي ڪار ويٽ جهازن مان آخري جهاز لانچ ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
انقره- 10 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي دفاعي ڪمپني ايس ٽي ايم استنبول نيول شپ يارڊ ۾ ٽن هلڪي ڪار ويٽ جنگي جهازن تي ٻڌل ڪلاس جي ٽئين ۽ آخري جهاز کي لانچ ڪري ڇڏيو، جنهن سان ملائيشيا جي رائل نيوي لاءِ جهازن جي تعمير جو مرحلو مڪمل ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آخري جهاز تي هن وقت اوزار لڳائڻ، مختلف نظامن جي انتظام ۽ ازمائش جو عمل جاري آهي جڏهن ته ان کي 2027ع ۾ ملائيشيا جي حوالي ڪرڻ جو شيڊول آهي. ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي سربراهه تان سري مالڪ رزاق سليمان چيو ته اهو ڪار ويٽ ملائيشين بحريه جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندو. ترڪيه جي دفاعي صنعت ايجنسي جي نائب سربراهه مصطفيٰ مراد شيڪر ٻڌايو ته جنگي جهاز ۾ اٽڪل 50 ترڪ دفاعي ڪمپنين جا تيار ڪيل نظام شامل ڪيا ويا آهن. ترڪيه ۽ ملائيشيا جون 2024ع ۾ انقره ۾ دفاعي مصنوعات جي حڪومت کان حڪومت وچ ۾ خريداري جي حوالي سان مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحيون ڪيون هيون.










