انقره- 10 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي پرڏيهي وزير خاقان فيدان اعلان ڪيو آهي ته کيس توقع آهي ته مصر ايندڙ مرحلي ۾ ان گڏيل دفاعي معاهدي جو حصو بڻجي ويندو جيڪو جمعي ڏينهن سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ طئي ٿيو هو خاقان فيدان پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته مصر سمورن معاملن ۾ اسان جو هڪ قدرتي حمايتي آهي ۽ منهنجو مڃڻ …
اُميد آهي ته مصر به سعودي عرب ۽ پاڪستان جي گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿي ويندو: ترڪيه

مزید خبریں
انقره- 10 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي پرڏيهي وزير خاقان فيدان اعلان ڪيو آهي ته کيس توقع آهي ته مصر ايندڙ مرحلي ۾ ان گڏيل دفاعي معاهدي جو حصو بڻجي ويندو جيڪو جمعي ڏينهن سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ طئي ٿيو هو خاقان فيدان پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته مصر سمورن معاملن ۾ اسان جو هڪ قدرتي حمايتي آهي ۽ منهنجو مڃڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ مصر به ان اتحاد جو حصو بڻجي ويندو. هن وضاحت ڪئي ته ڪجهه فني مسئلا موجود آهن ۽ جيئن ئي اهي حل ٿي ويندا ته ان ڳالهه ۾ ڪا رڪاوٽ نه رهندي ته مصر به ان اتحاد جو حصو بڻجي وڃي. هن ان عزم جو به اظهار ڪيو ته اسان جي صدر جي ويزن مطابق اهو اتحاد رڳو ٽن ملڪن تائين محدود نه رهڻ گهرجي پر اسان کي ان کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته ان ڇٽي هيٺان سڀني کي شامل ڪرڻ گهرجي.










