ويانا- 10 آگسٽ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۾ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اوليانوف فرانس ۾ لڳل ٻيلن جي شديد باهه سان روس کي ڳنڍڻ جي ڪوشش تي فرانسيسي اختيارين کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميخائل اوليانوف سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته اڪٽر فرانسيسي عملدار ۽ صحافي فرانس ۾ وڏي پيماني تي ڦهليل ٻيلن جي باهه ۾ روس …
فرانس ۾ باهه لڳڻ جو سبب روس کي قرار ڏيڻ جو ڪوشش، روس جي سفير جي شديد تنقيد

مزید خبریں
ويانا- 10 آگسٽ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۾ روس جي مستقل نمائندي ميخائل اوليانوف فرانس ۾ لڳل ٻيلن جي شديد باهه سان روس کي ڳنڍڻ جي ڪوشش تي فرانسيسي اختيارين کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميخائل اوليانوف سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته اڪٽر فرانسيسي عملدار ۽ صحافي فرانس ۾ وڏي پيماني تي ڦهليل ٻيلن جي باهه ۾ روس جي ڪنهن نه ڪنهن طرح ملوث هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. روس جي سفير الزام لڳايو ته اهري فرانسيسي عملدار پنهنجي ئي عوام جو احترام ناهن ڪري رهيا. رپورٽ مطابق هلندڙ سال يورپ، خاص طور تي اسپين ۽ فرانس ۾ ٻيلن جي باهه غير معمولي ۽ رڪارڊ سطح تائين پهچي وئي آهي. يورپي ڪميشن مطابق باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ يورپي يونين جي شهري تحفظ جي طريقيڪار تحت مختلف ميمبر ملڪن مان 13 جهاز، 4 هيليڪاپٽر ۽ ڪيترائي فائر فائٽرز مقرر ڪيا ويا آهن.










