سعودي عرب جي شاهه سلمان رليف مرڪز غزه ۾ اسڪول قائم ڪري ڇڏيو

رياض- 10 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان ريليف مرڪز ڏکڻ غزه ۾ انساني همدردي جي منصوبي تحت محفوظ تعليمي مرڪز قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ ”مڪه اسڪول“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي شروعاتي گنجائش هڪ هزار شاگردن تي ٻڌل آهي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ ان کي وڌائي 4 هزار شاگردن تائين پهچايو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسڪول جو افتتاح غزه ۾ فلسطيني عوام …

رياض- 10 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان ريليف مرڪز ڏکڻ غزه ۾ انساني همدردي جي منصوبي تحت محفوظ تعليمي مرڪز قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ ”مڪه اسڪول“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي شروعاتي گنجائش هڪ هزار شاگردن تي ٻڌل آهي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ ان کي وڌائي 4 هزار شاگردن تائين پهچايو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسڪول جو افتتاح غزه ۾ فلسطيني عوام جي امداد لاءِ هلايل سعودي عوامي مهم تحت ۽ متاثر اهم شعبن خاص طور تي تعليمي شعبي جي سهڪار جي دائري ۾ عمل ۾ آيو آهي ته جيئن هزارين ٻارن کي وڌيڪ محفوظ تعليمي ماحول ۾ ٻيهر درسگاهن ۾ واپس اچڻ جو موقعو ملي سگهي.