اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد کي آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته آزادي جو ڏهاڙو عزم، قرباني، اتحاد ۽ روشن مستقبل جو جشن آهي. اسلام آباد ۾ مختلف اهم جاين ۽ رستن کي پاڪستان جي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آهي، رستن تي ايل اي ڊي لائيٽس سان روشنيون ۽ …
اسلام آباد کي آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو، شهر رات جو روشنين سان جڳمڳائڻ لڳو
اسلام آباد- 09 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد کي آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته آزادي جو ڏهاڙو عزم، قرباني، اتحاد ۽ روشن مستقبل جو جشن آهي. اسلام آباد ۾ مختلف اهم جاين ۽ رستن کي پاڪستان جي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آهي، رستن تي ايل اي ڊي لائيٽس سان روشنيون ۽ هورڊنگس لڳايا ويا آهن جيڪي سج لهڻ کانپوءِ جڳمڳائڻ لڳندا آهن ۽ شهر جي سُونهن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اهم رستن تي مڪه معاهدي بابت پُڻ وڏا بينر هنيا ويا آهن، جڏهن ته شهرين آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته اهو ڏينهن پنهنجي بزرگن جي قربانين، جدوجهد ۽ آزادي جي عظيم سفر کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. يوم آزادي جي موقعي تي قوم پنهنجي بزرگن پاران آزاد ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي ياد ڪندي وطن جي حفاظت جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي. پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي شهرين پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ اسان جا شعبا ۽ پيشا مختلف آهن پر اسان جو مقصد هڪ وطن جي ترقي ۽ خدمت آهي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته وطن سان محبت صرف جذبي جو نالو نه پر پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري، خلوص سان ادا ڪرڻ جو نالو آهي. نوجوان نسل پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ۽ روشن بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.












