وفاقي گهرو وزير جو سيف سٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد سيف سٽي توسيعي منصوبي کي 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊلائين مقرر ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي “سيف سٽي بل“ کي حتمي شڪل ڏئي جلد کان جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سيف سٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، ان موقعي تي …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد سيف سٽي توسيعي منصوبي کي 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊلائين مقرر ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي “سيف سٽي بل“ کي حتمي شڪل ڏئي جلد کان جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سيف سٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، ان موقعي تي گهرو وزير جي صدارت ۾ هڪ خاص اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ توسيعي پراجيڪٽ تي هاڻي تائين ٿيل اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. عملدارن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سيف سٽي توسيعي منصوبي تي مجموعي طور تي 85 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ان تحت 85 سيڪڙو نئيون ڪئميرائون نصب ڪيون ويون آهن جڏهن ته 415 ڪلوميٽر ڊگهي آپٽيڪل فائبر وڇائي وئي آهي. ڊيٽا سينٽر، سائبر آرڪيٽيڪچر ۽ سائبر سيڪيورٽي تي به 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. گهرو وزير اسلام آباد سيف سٽي جي جديد ”فيوزن سينٽر“ کي به ٽن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف ڏنو. هن چيو ته اسان جو عزم اسلام آباد سيف سٽي کي جديد، اسمارٽ ۽ ترقي يافته ملڪن جي طرز تي عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هي سيف سٽي نظام شهرين جي تحفظ، ڏوهن جي اثرائتي نگراني ۽ هنگامي صورتحال ۾ فوري رسپانس کي يقيني بڻائيندو. اجلاس ۾ گهرو وفاقي سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي، سيف سٽي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.