واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان بيلاروس جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان بيلاروس جي سفير آندري ميتيليتسا ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفي اقتصادي لاڳاپن ۽ پاڪستان – بيلاروس جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير ۽ بيلاروس جي سفير ٻه طرفن رابطن ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان بيلاروس جي سفير آندري ميتيليتسا ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفي اقتصادي لاڳاپن ۽ پاڪستان – بيلاروس جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير ۽ بيلاروس جي سفير ٻه طرفن رابطن ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم ۽ بيلاروس جي صدر وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن ٻه طرفن ناتن کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل مفاهمت ۽ مسلسل رابطن ڪيترن ئي شعبن ۾ عملي تعاون لاءِ نئيون راهون کولي ڇڏيون آهن. ڳالهين ۾ ٻه طرفي ڏيتي ليتي کي آسان بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري ادارن جي معاونت لاءِ عملي مالي انتظامن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته لاڳاپيل مالياتي ادارا ۽ فني ماهر محفوظ ۽ گڏيل طور تي قبولڻ جوڳي ادائيگي جي طريقيڪار جنهن ۾ مقامي ڪرنسي ۽ ٻين متبادل انتظامن تي مشاورت جاري رکي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ زراعت، ڀاڻ، انجنيئرنگ مصنوعات، ٽريڪٽرز، وڏي مشينري، توانائي ۽ غذائي جنسن جي شعبن ۾ تعاون جا نمايان موقعا موجود آهن. ان موقعي تي بيلاروس جي سفير، وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته بيلاروس ۾ ملازمت ڪندڙ پاڪستانين جي انگ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته هندرمند ماڻهن جي طلب ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ڌرين پاڪستاني ماڻهن لاءِ روزگار جي موقعن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ شفاف ڀرتي، مناسب مهارتن جي مطابقت ۽ اداره جاتي سطح تي ويجهي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير بيلاروس جي جديد انجنيئرنگ ۽ صنعتي صلاحيتن خاص ڪري ٽريڪٽرز، ٽرڪن ۽ زرعي مشينري جي پيداوار کي ساراهيو ۽ انهن شعبن ۾ تعاون جي بحالي جي آجيان ڪئي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آئنده رابطن مان عملي تعاون کي اڳتي وڌائڻ، واپار بابت معاملن کي حل ڪرڻ ۽ اقتصادي ڀائيواري جي نون شعبن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڀرپور فائدو کنيو ويندو.