اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڳجهي اطلاع تي ڪاررواين کي ساراهيندي 12 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ جرائت جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي بهادر پُٽن …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير پاران واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڪامياب ڪارروائيءَ تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه

مزید خبریں
اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڳجهي اطلاع تي ڪاررواين کي ساراهيندي 12 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ جرائت جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي بهادر پُٽن وقت سر ۽ مؤثر ڪارروائي ڪري 12 خوارجين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ۽ دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو آهي. محسن نقوي چيو ته قوم بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي مسلسل ڪاميابين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. دهشتگرديءَ خلاف پوري قوم متحد آهي ۽ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي ادارن سان مضبوطيءَ سان بيٺل آهي.









