سردار اياز صادق پاران واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرديءَ خلاف سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيت، بهادري ۽ قربانيون …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرديءَ خلاف سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيت، بهادري ۽ قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهن. اسپيڪر چيو ته فتنه الهندستان ۽ ان جي سرپرستن کي پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون.