محسن نقوي پاران اسلام آباد ايڪسپريس وي سروس روڊ جي بحالي ۽ ڪشادگي جي منصوبي جو تفصيلي دؤرو

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ايڪسپريس وي جي زبون حال سروس روڊ جي بحالي ۽ ڪشادگي جي منصوبي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. دؤري دوران گهرو وزير پراجيڪٽ تي جاري ترقياتي معيار ۽ رفتار جو جائزو ورتو. محسن نقوي لاڳاپيل عملدارن کي يوٽيلٽي سروسز خاص ڪري رستي ۾ ايندڙ بجلي ۽ ٻين پولز کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ جي هدايت …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اسلام آباد ايڪسپريس وي جي زبون حال سروس روڊ جي بحالي ۽ ڪشادگي جي منصوبي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. دؤري دوران گهرو وزير پراجيڪٽ تي جاري ترقياتي معيار ۽ رفتار جو جائزو ورتو. محسن نقوي لاڳاپيل عملدارن کي يوٽيلٽي سروسز خاص ڪري رستي ۾ ايندڙ بجلي ۽ ٻين پولز کي جلد کان جلد منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير چيو ته 9 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي ان سروس روڊ تي هن وقت گندگي، غير قانوني قبضا ۽ غير قانوني اڏاوتون موجود آهن ۽ روڊ جي حالت انتهائي خراب آهي پر اسان ان خراب حالت روڊ کي هاڻ جديد ماڊل روڊ بڻائينداسين. هن چيو ته اسان ان اهم منصوبي کي گهٽ ۾ گهٽ مدت ۾ مڪمل ڪنداسين ته جيئن شهرين کي بهترين سفري سهولتون ميسر اچن ۽ گڏوگڏ اسلام آباد کي وڌيڪ گرين ۽ سبز بڻايو ويندو.