توانائي واري وفاقي وزير سان ايراني سفير جي ملاقات

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وفاقي وزير ايراني وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ايراني سفير ڏُکين حالتن ۾ پاڪستان ۽ ان …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وفاقي وزير ايراني وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب ايراني سفير ڏُکين حالتن ۾ پاڪستان ۽ ان جي عوام طرفان ملندڙ مسلسل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان ٻه پاڙيسري ملڪ آهن جن جي وچ ۾ توانائي جا گڏيل منصوبا ۽ ٽرانسميشن لائنز قائم آهن. هن ٻُڌايو ته ٻي ٽرانسميشن لائن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. هن وقت 100 ميگاواٽ جي فراهميءَ جو معاهدو موجود آهي جنهن کي وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ايراني سفير خطي ۾ رابطن کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو ۽ چيو ته هو تهران ۾ آئينده منعقد ٿيندڙ جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس ۾ پاڪستاني ڪمپنين خاص ڪري سي پي پي اي جي، ڪيسڪو ۽ اين جي سي کي دعوت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن زرعي شين ۽ خوراڪ جي شعبن ۾ به ٻه طرفي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ وقت تي ادائگيون ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪندي بجليءَ جي ادائگي جي طريقيڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ناتن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته خطي ۾ ڪنهن به قسم جي بدامني يا ڇڪتاڻ تي ڪو خوش ناهي، سڄي دنيا جا ملڪ موجوده جنگي حالتن جا منفي اثر ڀوڳي رهيا آهن جڏهن ته آر ايل اين جي، جي عالمي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستاني عوام کي به توانائيءَ جي بلند قيمتن کي مُنهن ڏيڻو پيو آهي، هر پاڪستاني خطي ۾ جنگ جي خاتمي ۽ امن لاءِ دعاڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اعليٰ قيادت ايراني قيادت سان گڏجي تڪرارن جي حل لاءِ بهترين ڪوششون ڪري رهي آهي. وفاقي وزير ڏُکين حالتن ۽ جنگ باوجود ايران طرفان بجلي جي مسلسل فراهمي کي ساراهيو ۽ خواهش ظاهر ڪئي ته پاڪستاني ماهر ايران جو دؤرو ڪن ته جيئن اهو جائزو وٺي سگهجي ته ايران جنگي حالتن باوجود پنهنجي نيشنل گرڊ جي بهتري ۽ بجلي جي فراهميءَ کي ڪيئن برقرار رکيو. گوادر جي ترقيءَ جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان گوادر کي ترقي ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ بجلي جي مستحڪم ۽ بنا رنڊڪ فراهمي انتهائي ضروري آهي، جيتوڻيڪ ايران مان بجلي جي آمد جاري آهي، پر گوادر ۾ بجلي جي رنڊڪ جا مسئلا موجود آهن جن جي حل ۽ نيٽ ورڪ جي پائيداريءَ لاءِ سيڙپڪاري انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان گوادر ۾ بجليءَ جي پيداواري سطح تي به سيڙپڪاريءَ جو اِرادو رکي ٿو. اسان جي ڊگهي مُدي واري منصوبا بندي ۾ ايران طرفان بجلي جي فراهمي کي بنيادي اهميت حاصل آهي ۽ گوادر جي اڳڀرائيءَ سان ايران سان بجلي جو ڳاڻيٽو وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو، مستقبل ۾ تجديد جوڳي توانائيءَ ۾ سيڙپڪاري اهم آهي جڏهن ته سڀ کان بنيادي شيءِ بجلي جي اگهن کي عام ماڻهوءَ جي پهچ ۾ رکڻو آهي. وفاقي وزير ايراني سفير طرفان ڏنل دعوت کي دل سان قبول ڪيو. ايراني سفير وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن جي بيحد تعريف ڪئي ۽ چيو ته انهن مسلسل ڪوششن کانسواءِ اسلام آباد ۾ امن ڳالهيون ممڪن نٿي ٿي سگهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا ناتا اڄ ان بلندي تي پهچي چڪا آهن جيڪي ماضيءَ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا ويا. هن ٻُڌايو ته سال جي پڄاڻيءَ تائين ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي 4 بلين ڊالرن تائين پهچائڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ايراني سفير وڌيڪ چيو ته اسان هڪ خاص ڀائراڻي رشتي ۾ جڙيل آهيون جنهن کي برقرار رکڻ ضروري آهي. سامونڊي رستن جي بندش باوجود ايراني حڪومت سموريون توانائيون صرف ڪندي پاڪستان جي واپاري ضرورتن کي پورو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايران پنهنجي واپار جو وڏو حصو پاڪستاني بندرگاهن ذريعي منتقل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، جنهن لاءِ توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ ويجهو سهڪار اڻٽر آهي.