آءِ ٽي واري وفاقي وزير سان سنڌ جي گورنر سان ملاقات

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت جي بنيادي ترجيح سمورن خطن جي نوجوانن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ڏيڻ آهي، ٽيلي ڪام جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائي معاشي استحڪام جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي. خميس ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب سنڌ جي گورنر نهال هاشمي آءِ ٽي واري وزارت …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته حڪومت جي بنيادي ترجيح سمورن خطن جي نوجوانن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ڏيڻ آهي، ٽيلي ڪام جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائي معاشي استحڪام جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي. خميس ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب سنڌ جي گورنر نهال هاشمي آءِ ٽي واري وزارت جو دؤرو ڪيو، جتي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سندس استقبال ڪيو. گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ترقيءَ تي ڳالهيون ٿيون. گورنر آءِ ٽي سيڪٽر ۾ انقلابي قدمن ۽ پاليسين تي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي بنيادي ترجيح سمورن خطن جي نوجوانن کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ تيار ڪرڻ آهي، ٽيلي ڪام جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائي معاشي استحڪام جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي. گورنر چيو ته آءِ ٽي واري وزارت جي قدمن سان ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن جو عمل تيز ٿيو آهي، آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقيءَ سان پاڪستاني نوجوانن کي روزگار ۽ هنرمنديءَ جا بهترين موقعا ميسر اچي رهيا آهن. گورنر نوجوانن کي عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي قابل بنائڻ جي وفاقي قدمن تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ صوبي جي نوجوانن کي ڊجيٽل صلاحيتن سان بااختيار بنائڻ ۽ آءِ ٽي منصوبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ڪيو ويو.