سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروايون، فتنه الهندستان جا 12 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي-06 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروايون ڪري فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. خميس ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 5 ۽ 6 آگسٽ تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي 2 آپريشنز ڪيا. اهي ڪارروايون ردالفتنه-3 تحت جاري ڳجهي اطلاع جي بنياد …

راولپنڊي-06 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروايون ڪري فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. خميس ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 5 ۽ 6 آگسٽ تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي 2 آپريشنز ڪيا. اهي ڪارروايون ردالفتنه-3 تحت جاري ڳجهي اطلاع جي بنياد جي مسلسل مهم جو حصو هيون، جنهن جو مقصد ڀارت جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگرد گروه فتنه الهندستان جو مڪمل خاتمو آهي. ان ڪامياب ڪاررواين دوران فتنه الهندستان جي 12 دهشتگردن کي ماريو ويو. 5 آگسٽ تي سيڪيورٽي فورسز ضلعي واشڪ ۾ 6 دهشتگردن جي چُرپر جو سراغ لڳايو. سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ اثرائتي انداز ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو. انتهائي صحيح ۽ پيشيوراڻي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ سمورن 6 دهشتگردن کي ماريو ويو. هڪ ٻئي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي 6 آگسٽ تي مستونگ ضلعي ۾ آپريشن ڪيو ويو، جتي سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ ڇِتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ وڌيڪ 6 دهشتگردن کي ماريو ويو. ڪارروائيءَ دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به تباهه ڪيو ويو. نيشنل ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپيڪس جي منظور ڪيل حڪمتِ عملي عزم استحڪام تحت پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي حمايت يافته دهشتگرديءَ جي ناسُور جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڪارروايون پوري قوت ۽ عزم سان جاري رکنديون.