بدين جي عدالت پاران چوري جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، جوابدار جيل حوالي

بدين - 06  آگسٽ (اي پي پي) بدين جي عدالت چوري جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن کي جيل جي حوالي ڪيو ويو. بدين جي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ وقار احمد پنهور جي عدالت ٽن جوابدارن علي محمد عرف علورو عرف اصغر چانگ، خدا بخش عرف خدا ڏنو خاصخيلي ۽ اسلم جوڻيجو کي رات جي بيگاهه وقت …

بدين – 06  آگسٽ (اي پي پي) بدين جي عدالت چوري جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن کي جيل جي حوالي ڪيو ويو. بدين جي سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ وقار احمد پنهور جي عدالت ٽن جوابدارن علي محمد عرف علورو عرف اصغر چانگ، خدا بخش عرف خدا ڏنو خاصخيلي ۽ اسلم جوڻيجو کي رات جي بيگاهه وقت محمد پٽ دودو مڱڻهار جي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي قلم 457  ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ ھڪ سال قيد 5 هزار ڏنڊ، چوري جي قلم 380 ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ھڪ ھڪ سال قيد ۽ 5 هزار ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو. ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت جوابدار وڌيڪ ھڪ ھڪ مهينو قيد ڪٽيندا. عدالتي فيصلي بعد جوابدارن کي پوليس تحويل ۾ ڊسٽرڪٽ جيل بدين روانو ڪيو ويو.