سنڌ حڪومت جي سهڪار سان تيار ڪيل فلم "ميرا لياري” آسڪر ايوارڊ جي نامزدگي واري ڊوڙ ۾ شامل

ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي سهڪار سان تيار ڪيل فلم "ميرا لياري" آسڪر ايوارڊ جي نامزدگي واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت هڪ اعزاز قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي سينيئر ، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جي فلم بورڊ جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ …

ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي سهڪار سان تيار ڪيل فلم "ميرا لياري” آسڪر ايوارڊ جي نامزدگي واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت هڪ اعزاز قرار ڏنو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي سينيئر ، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اطلاعات کاتي جي فلم بورڊ جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ فلم انڊسٽري جي واڌ ويجهه، جاري فلمي منصوبن، مستقبل جي حڪمت عملي ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارمن سان سهڪار بابت اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، بورڊ ميمبرن وقاص رضوي، سليم خان، احتشام انصاري، رب نواز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اطلاعات کاتي تحت جاري فلمي منصوبن جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف قومي ۽ عالمي او ٽي ٽي پليٽ فارمن ۽ لاڳاپيل ادارن سان فلمي منصوبن جي نمائش، ورڇ ۽ ڀائيواري بابت ڳالهيون جاري آهن.اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فلم "ميرا لياري” جو آسڪر ايوارڊ جي نامزدگي واري ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ پاڪستان، خاص طور تي سنڌ لاءِ هڪ اهم اعزاز آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هي فلم آسڪر جي نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته اها هڪ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ سنڌ جي فن، ثقافت ۽ تخليقي صلاحيتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ فلم، ثقافت ۽ تخليقي صنعتن جي واڌ ويجهه لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ڇو ته فلم انڊسٽري نه رڳو ثقافت ۽ مثبت تشخص کي دنيا آڏو پيش ڪري ٿي، پر روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ تخليقي شعبن جي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته سنڌ کي فلم سازي جو هڪ مضبوط، جديد ۽ عالمي معيار جو مرڪز بڻايو وڃي، جيئن مقامي ٽيلنٽ کي قومي ۽ عالمي سطح تي موقعا فراهم ڪري سگهجن.