سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11300 رپين جي واڌ رڪارڊ

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 49236 رپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي اگهه ۾ 11300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 49236 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 9688 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 …

اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 49236 رپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولي جي اگهه ۾ 11300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 49236 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 9688 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 75459 رپين مان وڌي 3 لک 85147 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 41183 رپين مان وڌي 3 لک 53064 روپيا ٿي ويو. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولي چانديءَ جو اگهه 35 رپين جي واڌ کانپوءِ 6659 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جو اگهه 30 رپين جي واڌ کانپوءِ 5709 رپيا ٿي وئي.

مزید خبریں