ايٽمي هٿيارن کي ڌمڪي طور استعمال ڪرڻ سان عالمي امن کي شديد خطرا  درپيش آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون-06 آگسٽ(اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس خبردار ڪيو آهي ته عالمي امن کي شديد خطرا درپيش آهن ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ايٽمي هٿيارن کي ڌمڪي طور استعمال ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه هن جاپان جي شهر  هيرو شيما تي ايٽم بم حملي کي 81 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد ٿيل امن يادگار تقريب لاءِ جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چئي. سندس …

گڏيل قومون-06 آگسٽ(اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس خبردار ڪيو آهي ته عالمي امن کي شديد خطرا درپيش آهن ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ايٽمي هٿيارن کي ڌمڪي طور استعمال ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه هن جاپان جي شهر  هيرو شيما تي ايٽم بم حملي کي 81 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد ٿيل امن يادگار تقريب لاءِ جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چئي. سندس پيغام گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت اعليٰ نمائندي پڙهي ٻڌايو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته طاقت جو اظهار ۽ دٻاءَ وجهڻ جي نالي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي. 6 آگسٽ 1945ع تي آمريڪا جاپان جي شهر هيرو شيما تي ايٽم بم ڪيرايو جنهن سبب شهر تباهه ٿي ويو. هزارين ماڻهو فوت ٿيا ۽ دنيا  پهريون ڀيرو  ايٽمي جنگ جي تباهي کي ڏٺو. هن چيو ته هيروشيما ثابت قدمي ،تعمير ۽ نئين سر اميد جو هڪ متاثر ڪن مثال آهي. اتان جو عوام نسل در نسل اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته خراب حالتن کان پوءِ به هڪ بهترين مستقبل جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته امن خوف ۽ طاقت ذريعي قائم نه ٿو ڪري سگهجي پر اعتماد ، لڳاتار ڳالهين، سفارتڪاري ۽ عالمي سهڪار ۾ سيڙپڪاري، عالمي قانون لاءِ انٽٽ عزم ۽ هٿيارن جي عالمي سطح تي خاتمي واري نظام کي مضبوط بڻائڻ ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن هن ان تصور کي رد ڪرڻ تي زور ڀريو ته ايٽمي هٿيار سلامتي جي حتمي ضمانت آهن جڏهن ته حقيقت ۾ اهي ان جي ابتڙ آهن. هيرو شيما تي ايٽم بم حملي کي 81 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي عالمي برادري کي اپيل ڪندي هن چيو ته محدود فائدن بدران اسان کي گڏيل سلامتي جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙي دنيا قائم ڪجي جتي هيرو شيما جهڙا واقعا ڪڏهن ٻيهر پيش نه اچن.

مزید خبریں