بدين- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان همدم فائونڊيشن پاران ضلعي بدين جي سامونڊي علائقي شيخ ڪڙهيو زيرو پوائنٽ تي گذريل سال جي روايت کي برقرار رکندي هن سال به تمر جا 50 هزار ٻج سمنڊ ڪناري هنيا ويا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي خاص مھمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش دلپت پڻ موجود هو. …
پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان همدم فائونڊيشن پاران ضلعي بدين جي سامونڊي ڪناري تي تمر جا 50 هزار ٻج هنيا ويا

مزید خبریں
بدين- 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان همدم فائونڊيشن پاران ضلعي بدين جي سامونڊي علائقي شيخ ڪڙهيو زيرو پوائنٽ تي گذريل سال جي روايت کي برقرار رکندي هن سال به تمر جا 50 هزار ٻج سمنڊ ڪناري هنيا ويا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي خاص مھمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش دلپت پڻ موجود هو. ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي، همدم فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شوڪت علي سومرو ۽ ٻين تمر جا ٻج پوکي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. بعد ۾ هنن گذريل سال دوران هنيل تمر جي ٻُوٽن جو معائنو پڻ ڪيو ۽ همدم فائونڊيشن پاران ڪيل ڪامياب وڻڪاري کي ساراهيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي چيو ته وڻ پوکڻ انتهائي نيڪ ۽ ماحول دوست عمل آهي، پر سمنڊ ڪناري تمر پوکڻ ڏکيو، محنت طلب ۽ صبر آزما ڪم آهي. هن چيو ته همدم فائونڊيشن بدين جي سامونڊي علائقن ۾ تمر جي واڌاري لاءِ جيڪو ڪم شروع ڪيو آهي، اهو نه رڳو ساراهه جوڳو پر ٻين لاءِ پڻ قابلِ تقليد آهي، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا شروع کان ئي همدم فائونڊيشن سان گڏ بيٺل آهي ۽ اڄ اسان جو هتي موجود هجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته بدين ضلعي جي انتظاميا هن ماحول دوست مهم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ۽ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. همدم فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شوڪت علي سومرو ٻڌايو ته سندن اداري هن وقت تائين بدين جي سامونڊي علائقن ۾ اڍائي لک کان وڌيڪ تمر جا ٻج ۽ ٻوٽا پوکيا آهن، جن جي ڪاميابي جي شرح 75 کان 80 سيڪڙو تائين آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اڳ ۾ پوکيل تمر جا ٻُوٽا هاڻي لکين جي تعداد ۾ نوان ٻج پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن سان سامونڊي ٻيلن ۾ قدرتي واڌارو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته همدم فائونڊيشن مستقبل ۾ به سامونڊي ماحول جي تحفظ، سامونڊي ڪنارن جي ڪٽائي کي روڪڻ ۽ ماحولياتي توازن جي بحالي لاءِ پنهنجي وڻڪاري جي مهم جاري رکندي.











