نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان ملاقات

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس جي موقعي تي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ الجزائر جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس جي موقعي تي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ الجزائر جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پنهنجي باقاعده رابطن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکندا. علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي خاص طور تي والاريل اوڀر يروشلم جي صورتحال ۽ ايران بابت تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پرڏيهي وزير احمد عطاف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل تعميري ڪردار ۽ سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.