وزيراعظم سان ايران جي صنعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ واپار واري وزير سيد محمد اتابڪ جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات، پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجون مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو: محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران سرحدي واپار جي فروغ ۽ 24 ڪلاڪ بارڊر کليل رکڻ جي لاءِ سهولتون وڌائڻ، بهتر لاجسٽڪس، ڪسٽمز طريقيڪار ۾ هم آهنگي آڻڻ، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي خاص طور تي قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ ۽ ويليو ايڊيشن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران سرحدي واپار جي فروغ ۽ 24 ڪلاڪ بارڊر کليل رکڻ جي لاءِ سهولتون وڌائڻ، بهتر لاجسٽڪس، ڪسٽمز طريقيڪار ۾ هم آهنگي آڻڻ، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي خاص طور تي قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ ۽ ويليو ايڊيشن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجون مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جي صنعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ واپار واري وزير سيد محمد اتابڪ جي سربراهي ۾ 6 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، علي پرويز ملڪ، جنيد انوار چوڌري، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاونين سيد طارق فاطمي، هارون اختر ۽ طلحى برڪي ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي بهترين پاڙيسري ڀائر ملڪ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجون مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان تازو ئي سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي، اميد آهي ته مسلسل ڪوششن سان ٻنهي ملڪن جي قيادت پاران مقرر ڪيل 10 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپار جو هدف حاصل ڪيو ويندو، واپار خاص طور تي خوراڪ ۽ زرعي جنسن ۽ مصنوعات جي واپار جي فروغ سان ٻئي ملڪ فائدو کڻندا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ سرحدي واپار جي فروغ ۽ 24 ڪلاڪ بارڊر کليل رکڻ جي لاءِ سهولتون وڌائڻ، بهتر لاجسٽڪس ۽ ڪسٽمز طريقيڪار ۾ هم آهنگي آڻڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي خاص طور تي قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ ۽ ويليو ايڊيشن ۾ پڻ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبى حسين خامنه اي ۽ صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. ايراني وزير سيد محمد اتابڪ چيو ته شاندار استقبال ۽ شاندار ميزباني تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي مخلصاڻي سفارتي ڪوششن ۽ ايران سان يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستاني قيادت ۽ عوام کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ايران پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي جي حوالي سان فني سطح تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.