سيمينٽ جو روانگي واپار 4.02 سيڪڙو اضافي سان 343.054 ملين آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سيمينٽ جو روانگي واپار مالي سال 2026ع دوران 4.02 سيڪڙو اضافي سان 343.054 ملين آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو آهي. قومي شماريات اداري جي انگن اکرن مطابق مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان جي سيمينٽ جو روانگي واپار ماليت جي لحاظ کان 343.054 ملين ڊالر رهيو، جڏهن ته مالي سال 25-2024ع جي ساڳئي عرصي ۾ اهو 329.795 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا. رپورٽ مطابق …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) سيمينٽ جو روانگي واپار مالي سال 2026ع دوران 4.02 سيڪڙو اضافي سان 343.054 ملين آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو آهي. قومي شماريات اداري جي انگن اکرن مطابق مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان جي سيمينٽ جو روانگي واپار ماليت جي لحاظ کان 343.054 ملين ڊالر رهيو، جڏهن ته مالي سال 25-2024ع جي ساڳئي عرصي ۾ اهو 329.795 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا. رپورٽ مطابق مالي سال 2026ع دوران ڳاڻيٽو جي لحاظ سان سيمينٽ جي روانگي واپار ۾ 4.07 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي ۽ اها 97 لک 53 هزار 815 ميٽرڪ ٽن کان گهٽجي 87 لک 53 هزار 815 ميٽرڪ ٽن رهيا ويا. سالياني بنيادن تي جون 2026ع ۾ سيمينٽ جي روانگي واپار ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي ۽ جون 2026ع دوران روانگي واپار 36.09 سيڪڙو گهٽجي 26.746 ملين ڊالر رهيا.