اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف “ڊسڪوز” جي نجڪاري ۾ عالمي معيار جي سيڙپڪارن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جا سمورا مرحلا مقرر مُدي ۾ طئي ٿيل قاعدن ۽ بهترين حڪمت عملي موجب منافعو ڏيندڙ انداز ۾ مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي ورڇ …
وزيراعظم پاران “ڊسڪوز” جي نجڪاري ۾ عالمي معيار جي سيڙپڪارن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف “ڊسڪوز” جي نجڪاري ۾ عالمي معيار جي سيڙپڪارن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نجڪاري جا سمورا مرحلا مقرر مُدي ۾ طئي ٿيل قاعدن ۽ بهترين حڪمت عملي موجب منافعو ڏيندڙ انداز ۾ مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ۽ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي نئين سر سڌاراجاتي تنظيم سازي تي جائزه اجلاس اربع ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري ۾ عالمي معيار جي سيڙپڪارن جي شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، نجڪاري ڪميشن ۾ جاري اداراجاتي سڌارن ۽ نئين سر تنظيم سازي جو ڪم هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم نجڪاري جي عمل ۾ سيڙپڪارن جي شموليت جي لاءِ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ ٿيندڙ ڪامياب روڊ شوز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري جا سمورا مرحلا مقرر مدي ۾ طئي ٿيل قاعدن ۽ بهترين حڪمت عملي موجب منافعو ڏيندڙ انداز ۾ مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم نجڪاري ڪميشن جي افرادي قوت ۾ عالمي معيار جي مالياتي، قانوني ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ماهر شامل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عالمي معيار جي افرادي قوت ۽ ماهر نجڪاري ڪميشن جي صلاحيت ۽ ادارن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ موثر قدمن کي يقيني بڻائيندا. هن نجڪاري جي مرحلن ۾ بهترين پيشيواراڻي صلاحيت رکندڙ ڪنسلٽنٽ جي تجويزن ۽ نجڪاري جي مرحلن جي سهولت لاءِ گهربل قانوني انتظامن ۽ مالياتي ريگيوليشن فريم ورڪ جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نجڪاري جي عمل ۾ صارفين جي مفاد کي ترجيح ڏني وڃي، نجڪاري ۾ شامل ادارن ۾ مستقبل ۾ صارفين جي شڪايتن جي ازالي جو جامع ۽ موثر انتظامي ڍانچو يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نجڪاري جي پهرين مرحلي ۾ شامل بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو ۾ سيڙپڪارن جي دلچسپي جي لاءِ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ روڊ شوز مڪمل ڪيا ويا آهن، ترڪيه، سعودي عرب ۽ چين ۾ روڊ شوز ۽ سيڙپڪارن سان نجڪاري جي ڏس ۾ رابطن جا حوصلي جوڳا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن پاران ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي پهرين مرحلي جي تڪميل جي لاءِ هيستائين کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته نجڪاري ڪميشن جي اداراجاتي نئين سر تنظيم سازي جي ڏس ۾ بهترين افرادي قوت جي شموليت تي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.











