اسلام آباد ۾ شاهراهه دستور تي پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي پرڏيهي سيڪريٽري جي قيادت ۾ يڪجهتي واڪ ۾ شرڪت

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد ۾ شاهراهه دستور تي پرڏيهي وزارت جي عملدارن پرڏيهي سيڪريٽري جي قيادت ۾ استحصال ڏهاڙي جا 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يڪجهتي واڪ ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد ڪشميري عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ هو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڪشمير، گلگت بلتستان …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اسلام آباد ۾ شاهراهه دستور تي پرڏيهي وزارت جي عملدارن پرڏيهي سيڪريٽري جي قيادت ۾ استحصال ڏهاڙي جا 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يڪجهتي واڪ ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد ڪشميري عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ هو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ريلي ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.