واشنگٽن- 05 آگسٽ(اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جو راڪٽ فالڪن 9 جو هڪ حصو امڪاني طور تي چنڊ سان ٽڪرائجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فالڪن 9 راڪٽ جو اهو مٿيون حصو اٽڪل 5 ماڙ عمارت جي برابر هو جنهن جو وزن گهٽ ۾ گهٽ چار هزار ڪلو گرام هو. اهو چنڊ سان ٽڪرائجڻ کان اڳ لڳ ڀڳ 2.43 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ (اٽڪل 5400 ميل في …
اسپيس ايڪس جو راڪٽ چنڊ سان ٽڪرائجي ويو

مزید خبریں
واشنگٽن- 05 آگسٽ(اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جو راڪٽ فالڪن 9 جو هڪ حصو امڪاني طور تي چنڊ سان ٽڪرائجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فالڪن 9 راڪٽ جو اهو مٿيون حصو اٽڪل 5 ماڙ عمارت جي برابر هو جنهن جو وزن گهٽ ۾ گهٽ چار هزار ڪلو گرام هو. اهو چنڊ سان ٽڪرائجڻ کان اڳ لڳ ڀڳ 2.43 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ (اٽڪل 5400 ميل في ڪلاڪ) جي رفتار سان مدار ۾ گردش ڪري رهيو هو. اهو راڪٽ جنوري 2025ع ۾ آمريڪا ۽ جاپان جي هڪ گڏيل مشن تحت خلا طرف لانچ ڪيو ويو هو. جنهن جو ڪم اهو هو ته چنڊ تي لهڻ لاءِ تيار ڪيل 2 خلائي گاڏين کي ايتري طاقت سان ڌڪو ڏنو جو هو زمين جي مدار کان نڪري چنڊ جي رخ طرف سفر ڪرڻ لڳيون. مشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ راڪٽ جو اهو حصو خلا جي مدار ۾ گردش ڪندو رهيو. گذريل 18 مهينن دوران چنڊ ۽ سج جي ڪشش ثقل، ان جو رستو آهسته آهسته تبديل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اهو چنڊ سان ٽڪرائجڻ جي رستي تي اچي ويو. چنڊ جي مدار ۾ موجود ڪو به خلائي جهاز ان هنڌ تي موجود نه هو ته ٽڪرائجڻ جي سڌي ريت تصوير رڪارڊ ڪري سگهي.











