صنعتي ادارن ۽ ڪمپنين کي تدريسي ادارن سان گڏجي تحقيق ۽ ايجادن جو گڏيل ڪم ڪرڻ گھرجي:وي سي پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي

حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو آهي ته صنعتي ادارن ۽ ڪمپنين کي تدريسي ادارن سان گڏجي تحقيق ۽ ايجادن جو گڏيل ڪم ڪرڻ گھرجي. اهڙو اظهار هن سوسائٽي آف پيٽروليم انجنيئرس مھراڻ يونيورسٽي طرفان منعقد ڪيل ٽيڪنيڪل سيمپوزيوم ۽ انرجي سمٽ 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جو پيٽروليم اينڊ نيچرل گئس شعبو …

حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو آهي ته صنعتي ادارن ۽ ڪمپنين کي تدريسي ادارن سان گڏجي تحقيق ۽ ايجادن جو گڏيل ڪم ڪرڻ گھرجي. اهڙو اظهار هن سوسائٽي آف پيٽروليم انجنيئرس مھراڻ يونيورسٽي طرفان منعقد ڪيل ٽيڪنيڪل سيمپوزيوم ۽ انرجي سمٽ 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي جو پيٽروليم اينڊ نيچرل گئس شعبو ان حوالي سان پي پي ايل سان گڏجي ڪم ڪري سگھي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو آهي ته مھراڻ يونيورسٽي ۾ بھترين محقق ۽ ماھر موجود آھن جيڪي نئين تحقيق ۽ ايجادن جي حوالي سان صنعتي ادارن ۽ ڪمپنين لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي نمائندي مسعود سرور چيو ته ملازم، معاھدي ۾ آيل ڌريون ، ماحول ۽ معاشري جو تحفظ اسان جي پھرين ترجيح آھن. اسان شاھ بندر ۾ ويجھڙ ۾ ڪافي نيون جايون دريافت ڪيون آھن. اسان جي ڪوشش آھي ته جٽادار طريقن سان توانائي جا ذريعا ڳولهي رهيا آهن. اسان جي ڪوشش ۽ ترجيح آھي ته مقامي ماڻھن کي سهولتون فراھم ڪريون. سيمپوزيم ۽ انرجي سمٽ ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خانجي ھريجن، پيٽروليم ۽ نيچرل گئس شعبي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب مھيسر سميت سوئي سدرن گئس ڪمپني، ماڙي گئس ڪمپني ۽ ٻين ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.