مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي مناسبت سان ٻن ڏينھن جو بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ۾ منعقد

حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي مناسبت سان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ٻن ڏينھن جو بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ۾ منعقد ڪيو ويو. ٽورنامينٽ جو افتتاح مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي پاڪستان جي آزادي واري ھن مھيني دوران شاگردن ۾ …

حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو پاران جشن آزادي جي مناسبت سان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ٻن ڏينھن جو بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ۾ منعقد ڪيو ويو. ٽورنامينٽ جو افتتاح مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي پاڪستان جي آزادي واري ھن مھيني دوران شاگردن ۾ تقريري مقابلا، راندين ۽ گڏيل نصابي سرگرميون ڪرائي رھي آھي. ھي ٽورنامينٽ ڏھن ڏينھن تائين جاري رھندڙ سرگرمين جو حصو آھي. ٽورنامينٽ ۾ 8 ڇوڪرن ۽ 6 ڇوڪرين جي ٽيمن حصو ورتو. ٻن ڏينھن تائين 5 آگسٽ کان 6 آگسٽ تائين مھراڻ يونيورسٽي جي جمنازيم ۾ بيڊ منٽن جا مقابلا جاري رھندا. افتتاحي تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، پروفيسر ڊاڪٽر خديجه قريشي، ڊائريڪٽر اسپورٽس عبدالفتاح ڪنڌر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.