پاڪستان جاپان ۽ جائيڪا سان ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پُراڻي ڀائيواري کي تمام گهڻو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جاپان ۽ جائيڪا سان ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پُراڻي ڀائيواري کي تمام گهڻو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، مشڪل معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، هاڻي پائيدار معاشي ترقي لاءِ تيزي سان سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، صرف ٽن سالن ۾ سرڪاري اوڳاڙيُون ٻيڻيُون ٿي ويُون آهن. هن اهڙن خيالن …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جاپان ۽ جائيڪا سان ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پُراڻي ڀائيواري کي تمام گهڻو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، مشڪل معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، هاڻي پائيدار معاشي ترقي لاءِ تيزي سان سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، صرف ٽن سالن ۾ سرڪاري اوڳاڙيُون ٻيڻيُون ٿي ويُون آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي صدر ڊاڪٽر تاناڪا آڪي هيڪو جي اڳواڻي ۾ نو رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن اربع ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، مُلاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، حنيف عباسي، سردار اويس احمد خان لغاري، شزه فاطمه خواجه، خاص مددگار سيد طارق فاطمي، هارون اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدارن موجُود هُئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جاپان ۽ جائيڪا سان ستن ڏهاڪن تي ٻڌل ڊگهي ڀائيواري کي تمام گهڻو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ان اميد اجو اظهار ڪيو ته جائيڪا جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. وزيراعظم چيو ته مشڪل معاشي چئلينجن تي ٽيم ورڪ ذريعي ضابطو آندو، هاڻي پائيدار معاشي ترقي لاءِ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي. حڪومتي سڌارن جي نتيجي ۾، صرف ٽن سالن ۾ سرڪاري ٽيڪسز ٻيڻا ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي هُنر، فني تربيت ۽ باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. معدنيات جي شعبي جي ترقي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ جائيڪا جي فني تعاون جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ترقي ۽ فروغ لاءِ سميڊا ۾ سُڌارا ڪري اُن کي هڪ فعال ۽ موثر ادارو بڻايو. جائيڪا جي سميڊا سان تعاون ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ ۽ برآمدات ۾ اضافي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. وزيراعظم جائيڪا جي صدر سان جاپان ۾ تازي آيل زلزلي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر تاناڪا آڪي هيڪو جاپان ۾ زلزلي سان قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان ۾ شاندار مهمان نوازي تي پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته جائيڪا ۽ پاڪستان جي ڀائيواري ۽ تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي. جائيڪا صحت، تعليم، شهري ۽ ڳوٺاڻي ترقي، فني تربيت ۽ صنعتي ترقي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر تاناڪا آڪي هيڪو چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ترقياتي ترجيحن مُوجب تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن چيو ته جاپان سميت عالمي برادري وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ پاڪستان ۽ ان جي قيادت جي ڪوششن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.