جنيوا -05 آگسٽ (اي پي پي ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جي خطرناڪ قسم جي تاريخ جي سڀ کان وڏي وبا دوران بهتر علاج ۽ دنيا جي پهرين ويڪسين جي تياري لاءِ جاچ ۾ اڳڀرائي جاري آهي، بهتر نتيجا اچڻ ۾ مهينا لڳي سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ايڇ او مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي …
ڪانگو ۾ ايبولا وبا دوران نئين ويڪسين جي آزمائش جاري: صحت جو عالمي ادارو
جنيوا -05 آگسٽ (اي پي پي ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جي خطرناڪ قسم جي تاريخ جي سڀ کان وڏي وبا دوران بهتر علاج ۽ دنيا جي پهرين ويڪسين جي تياري لاءِ جاچ ۾ اڳڀرائي جاري آهي، بهتر نتيجا اچڻ ۾ مهينا لڳي سگهن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ايڇ او مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده وبا لاءِ تحقيق ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزي سان شروع ڪئي وئي ڇو ته جاچ منصوبا وبا جي باضابطه اعلان کان اڳ تيار ڪيا ويا هيا. اداري جي سربراهه ڊاڪٽر واسي مورثي جنيوا ۾ صحافين کي ٻڌايو ته بنڊي بليو قسم جو ايبولا وائرس لاءِ هيستائين ڪو به محفوظ ۽ بهتر علاج يا ويڪسين ناهي جڏهن ته برطانيا ۾ 24 جولاءِ تي پهرين مرحلي جي ويڪسين جي آزمائش شروع ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪينيڊا ۾ به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ واري آهي. هن چيو ته شروع ۾ آزمائش ڀولڙن تي ڪئي پئي وڃي. نتيجن بعد عالمي ادارو ايندڙ مرحلي جو فيصلو ڪندو. ڊبليو ايڇ او موجب پهرين آگست تائين ڪانگو ۾ ايبولا جي ان وبا جا 3 هزار 748 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جن ۾ هڪ هزار 657 فوت ٿي چڪا آهن ۽ 708 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن.












