وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس، 0.5 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي امپورٽ سميت ڪيترن ئي ڏوررس پاليسين، گورننس، اقتصادي ۽ ترقياتي قدمن جي منظوري ڏني وئي

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي امپورٽ سميت ڪيترن ئي ڏوررس پاليسين، گورننس، اقتصادي ۽ ترقياتي قدمن جي منظوري ڏني وئي، ان کان علاوه گھٽ ۾ گھٽ اجرت ۾ 7.5 سيڪڙو واڌ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي سرڪاري ملڪيت واري ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ پيپلز هائوسنگ انيشيئيٽو …

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن ڪابينا اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي امپورٽ سميت ڪيترن ئي ڏوررس پاليسين، گورننس، اقتصادي ۽ ترقياتي قدمن جي منظوري ڏني وئي، ان کان علاوه گھٽ ۾ گھٽ اجرت ۾ 7.5 سيڪڙو واڌ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي سرڪاري ملڪيت واري ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ پيپلز هائوسنگ انيشيئيٽو جي گلگت بلتستان تائين واڌ، نوابشاهه-راڻيپور (مهران هاءِ وي) تي ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ گورننس ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سڌارا شامل آهن. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس ۽ صوبائي حڪومت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ڪابينا کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اقتصادي استحڪام، انفراسٽرڪچر جي ترقي، سماجي تحفظ، ادارتي مضبوطي ۽ بهتر سروس ڊليوري تي ٻڌل سڌارن واري ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. وڏي وزير چيو ته اڄ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن تن جو مقصد خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، مزدورن جو تحفظ ڪرڻ، گورننس جي اڏاوتن کي جديد بڻائڻ، نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته ڪابينا جي فيصلن تي بروقت عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ زور ڀريو ته سڌارن جا واضح فائدا شهرين تائين پهچڻ گهرجن. سنڌ ڪابينا تجويز ڪيل سنڌ گورنمينٽ لينڊز مئنيجمينٽ بل 2026ع تي غور ويچار ڪيو، جنهن جو مقصد صديءَ کان پراڻي ڪولونائيزيشن آف گورنمينٽ لينڊز ايڪٽ 1912ع کي سڄي صوبي ۾ سرڪاري زمين جي انتظام، الاٽمينٽ ۽ استعمال لاءِ هڪ جديد ۽ شفاف قانوني فريم ورڪ سان تبديل ڪرڻ آهي. تجويز ڪيل قانون سازي مارڪيٽ تي ٻڌل ويلوئيشن، شفاف عوامي نيلامي جو طريقو، الاٽمينٽ لاءِ واضح قابليت جا معيار، سخت انتظامي شقون ۽ شڪايتن جي ازالي جو هڪ مؤثر نظام متعارف ڪرائي زمين جي گورننس ۾ وڏي عرصي کان هلندڙَ مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي. نئون فريم ورڪ نه صرف زرعي زمين پر صنعتي، رهائشي، تجارتي، عوامي مقصدن ۽ ايمينٽي منصوبن جي ضرورتن کي به پورو ڪندو. بحث کانپوءِ وڏي وزير قانون واري وزير، مڪاني کاتي جي وزير، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن تجويز ڪيل قانون سازي جو وڌيڪ جائزو ورتو وڃي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ ۽ آخري منظوري کان اڳ پنهنجون سفارشون وڏي وزير کي پيش ڪري. اميد آهي ته هي تجويز ڪيل قانون شفافيت کي هٿي ڏيندو، سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندو، زمين جي گورننس کي مضبوط ڪندو ۽ عوامي ڀلائي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سرڪاري زمين جي ڪارائتي استعمال کي يقيني بڻائيندو.ڪابينا منيمم ويجز بورڊ جي سفارشن جي به منظوري ڏني جنهن تحت پهرين جولاءِ 2026ع کان سڄي صوبي ۾ گھٽ ۾ گھٽ اجرت ۾ 7.5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. سڌاريل شرح تحت، غير هنرمند مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت 40,000 رپين مان وڌائي 43,000 رپيا في مھينو ڪئي وئي آھي جڏھن ته نيم هنرند ۽ اعليٰ هنرند مزدورن جي اجرتن ۾ به ان حساب سان واڌ ڪئي وئي آھي. اهو فيصلو سڄي سنڌ جي نوٽيفائيڊ صنعتي ۽ تجارتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن تي لاڳو ٿيندو. ڪابينا مالي سال 27-2026ع لاءِ پيپلز ڪمينٽي هيلٿ سروسز ڪمپني جي بجيٽ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ 200 ملين رپيا سيڊ مني طور ۽ 2.723 بلين رپين جي گرانٽ شامل آهي. ڪمپنيز ايڪٽ، 2017ع جي سيڪشن 42 تحت قائم ڪيل هن ڪمپني جو مقصد ڪميونٽي سطح تي بنيادي صحت جي خدمتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گهٽ سهولتن وارن علائقن جي آبادي تائين ان جو دائرو وڌائڻ آهي. ڪابينا اڳوڻي نامزدگي جي جاءِ تي سحر افتخار خان، (BS-19)، کي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر طور مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني ۽ وڏي وزير کي ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ مستقبل جي تبديلين جي منظوري ڏيڻ جو اختيار ڏنو.ڪابينا مالي سال 27-2026ع لاءِ صوبي جي خوراڪ جي تحفظ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي 0.5 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 1.69 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ جو امڪان آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي ڪل دستيابي جو ڪاٿو 4.84 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي جڏهن ته سالياني واهپي جي گهرج 6.53 ملين ميٽرڪ ٽن آهي. تفصيلي غور ويچار کانپوءِ ڪابينا وفاقي حڪومت پاران ڪوآرڊينيٽ ڪيل فريم ورڪ تحت ٽي سي پي ذريعي 0.5 ايم ايم ٽي ڪڻڪ جي امپورٽ جي منظوري ڏني. لياري جي تعليم ۽ صحت کاتي جي ملازمن جي معاهدن ۾ واڌ ڪابينا ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن لياري جي تعليم ۽ ميڊيڪل کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي معاهدي واري خدمتن ۾ هڪ سال جي توسيع جي منظوري ڏني، جيڪا 11 مارچ 2026ع کان 10 مارچ 2027ع تائين لاڳو هوندي. ان فيصلي ۾ 254 ڪانٽريڪٽ ملازم شامل آهن جن ۾ تعليم کاتي جا 176 ملازم ۽ ميڊيڪل کاتي جا 78 ملازم شامل آهن. اهي ملازم شروع ۾ 13-2012ع دوران ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ مقرر ڪيا ويا هئا ۽ بعد ۾ مقامي حڪومت جي سڌارن کانپوءِ ضلعن ۽ ٽائون ميونسپل انتظاميا ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ٽي ايم سي لياري صوبائي حڪومت تي ڪو به اضافي مالي بار وجهڻ کانسواءِ پنهنجي بجيٽ مان پگهارن جا خرچ پورا ڪرڻ جو ذميوار هوندو. لياري ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ لاءِ نيسپاڪ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڪابينا لياري ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ جي فيز-I جي ڊيزائن، بئڊنگ دستاويزن جي تياري ۽ تعميراتي نگراني لاءِ ڪنسلٽنٽ طور نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي به منظوري ڏني. اهو فيصلو پروجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سفارشن کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن ڪنسلٽنسي جي شرطن جو جائزو ورتو ۽ پروجيڪٽ جي پيماني ۽ پيچيدگي کي نظر ۾ رکندي انهن کي مناسب قرار ڏنو. نيسپاڪ ان کان اڳ تفصيلي سروي ڪيو هو ۽ لياري ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ لاءِ فيزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪئي هئي، جيڪا وسيع لياري ٽائون انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پلان 2040ع جو حصو آهي. ڪابينا آف روڊ گاڏين جي ڊي-رجسٽريشن، موٽر ڊيلر هولڊنگ پيريڊ رليف ۽ ملڪيت جي منتقلي تي موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس جي تسلسل بابت تجويزن جو جائزو ورتو. بحث کانپوءِ وڏي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل قانون ۾ ضروري ترميمون ڪري ۽ تجويزون آخري غور لاءِ ڪابينا کي ٻيهر پيش ڪري. ڪابينا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي مڪمل طور تي سرڪاري ملڪيت واري پرائيويٽ ليمٽيڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني ته جيئن اداراتي صلاحيت کي مضبوط ڪيو وڃي، پروجيڪٽ جي فراهمي کي بهتر بڻايو وڃي ۽ مالي استحڪام کي وڌايو وڃي. تجويز ڪيل ادارو جيڪو ڪمپنيز ايڪٽ، 2017ع تحت رجسٽرڊ ڪيو ويندو، موجوده پي پي پي يونٽ جي جانشين اداري طور ڪم ڪندو ۽ پي پي پي پاليسي جي تياري، گورننس، پروجيڪٽ جي سهولت ۽ پورٽ فوليو مئنيجمينٽ جو ذميوار هوندو. اهو قدم ڪمزور کاتي وارن پي پي پي نوڊس، منصوبن جي وڌندڙ پيچيدگي، انساني وسيلن جي برقرار رکڻ ۽ پورٽ فوليو جي نگراني سان لاڳاپيل چيلنجز کي حل ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي. ڪابينا ڪمپني جي قيام جي منظوري ڏني جنهن جو مجاز سرمايو 8 ارب رپيا ۽ پيڊ اپ سرمايو 2 ارب رپيا هوندو. هن آپريشنل ۽ قيام جي خرچن لاءِ سيڊمني طور 500 ملين رپين جي آئوٽ آف بجيٽ جي منظوري پڻ ڏني. مالياتي کاتي کي سموريون رجسٽريشن جي ڪارروائيون مڪمل ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو جڏهن ته پي پي پي يونٽ جو موجوده ڊائريڪٽر جنرل ڪمپني جو پهريون چيف ايگزیکيوٽو آفيسر طور ڪم ڪندو. ڪابينا سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي به منظوري ڏني ته جيئن ان نئين تبديلي کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پي پي پي گورننس کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ سڄي صوبي ۾ پي پي پي منصوبن جي نگراني کي بهتر بڻايو وڃي. اميد آهي ته هيءَ نئين تبديلي سنڌ جي نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائيندي، انفراسٽرڪچر ۽ ترقياتي منصوبن کي تيز ڪندي، ۽ هڪ وڌيڪ پائيدار ۽ ڪارائتو پي پي پي فريم ورڪ قائم ڪندي.ڪابينا 196 ٻوڏ متاثر گھرن جي ٻيهر اڏاوت لاءِ 376.3 ملين رپين جي ڪاٿي سان سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام کي گلگت بلتستان تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ايس پي ايڇ ايف کي گلگت بلتستان حڪومت پاران فراهم ڪيل لسٽ جي بنياد تي تصديق، داخلا ۽ رقم جي ورڇ جي عمل کي شروع ڪرڻ جو اختيار ڏنو ۽ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام کي امپليمينٽنگ پارٽنر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. هي قدم بلوچستان ۾ ٻوڏ جي بحالي لاءِ سنڌ جي جاري مدد کان پوءِ ڪيو ويو آهي جتي 4,500 گهرن جي ٻيهر تعمير اڳيئي هلي رهي آهي.ڪابينا 135 ڪلوميٽر ڊگهي نوابشاهه-راڻيپور (مهران هاءِ وي) تي ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ بنيادي طور تي ھيوي ۽ تجارتي گاڏين کي نشانو بڻايو ويو آهي، ته جيئن روڊ جي مرمت ۽ بحالي لاءِ مخصوص وسيلا پيدا ڪري سگهجن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هي هاءِ وي جيڪو شهيد بينظير آباد، نوشهرو فيروز ۽ خيرپور ضلعن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو، تان روزانو 22,000 کان وڌيڪ گاڏيون گذرن ٿيون ۽ 41 ارب رپين جي اندازي سان ان کي ڊبل ڪيو پيو وڃي. تجويز ڪيل ٽولنگ سسٽم مان لڳ ڀڳ 2.14 بلين رپيا ساليانو مجموعي آمدني حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته آپريشنل خرچن کانپوءِ خالص سالياني آمدني 1.48 ارب رپيا ٿيڻ جو اندازو آهي. حاصل ڪيل فنڊ خاص طور تي هاءِ وي ۽ ان سان لاڳاپيل انفراسٽرڪچر جي هلائڻ، مرمت، بحالي ۽ وڌيڪ بهتري لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ڪابينا ڪلاس تي ٻڌل فڪسڊ ٽول ريٽ سسٽم کي اپنائڻ ۽ تجويز ڪيل ٽول ڪليڪشن ۽ روينيو مئنيجمينٽ جي طريقيڪار تي عملدرآمد جي منظوري ڏني. ڪابينا چار اعليٰ سطحي ٽاسڪ فورسز جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني جيڪي اهم شعبن ۾ گهڻ مدي جي سڌارن تي اسٽريٽجڪ صلاحون ڏيڻ لاءِ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ اڪانومي، فنانس اينڊ انڊسٽري؛ واٽر؛ ڪلائميٽ چينج ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊجيٽل ٽرانسفارميشن اينڊ ورچوئل ايسٽس شامل آهن. ٽاسڪ فورسز پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن جي اهم اقتصاديات جي ماهرن، اڪيڊميشنز، صنعتي ماهرن، ماحولياتي ماهرن ۽ ٽيڪنالاجي جي پيشيورن تي مشتمل آهن. اهي پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ پاليسي سڌارن، اداراتي مضبوطي، سيڙپڪاري وڌائڻ، جدت، گورننس جي بهتري ۽ پائيدار ترقي جي حڪمت عملين تي حڪومت کي صلاح ڏيندا. ڪابينا ٽاسڪ فورسز کي هدايت ڪئي ته اهي ثبوتن تي ٻڌل پاليسي سازي جي مدد ڪرڻ ۽ سنڌ جي گهڻ مدي جي ترقياتي ايجنڊا کي تيز ڪرڻ لاءِ سفارشون پيش ڪن.ڪابينا سنڌ حڪومت جي رولز آف بزنس، 1986ع جي لاڳاپيل شقن ۾ ترميم ڪندي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو روايتي نالو تبديل ڪري ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتو بحال ڪرڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني. اهو فيصلو سنڌ کي ٻين صوبن ۽ وفاقي سطح تي استعمال ٿيندڙ نالي سان هڪجهڙائي ۾ آڻڻ لاءِ ڪيو ويو، جتي روڊن، پُلن، سرڪاري عمارتن ۽ ٽرانسپورٽ جي انفراسٽرڪچر جا ذميوار کاتا عام طور تي ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس کاتي جي نالي سان سڃاتا ويندا آهن.سنڌ ڪابينا شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ فيڊرليزم ايڪٽ، 2024ع تحت قائم ڪيل شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ فيڊرليزم جي بورڊ جي جوڙجڪ جي توثيق ڪئي. ڪابينا صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کي بورڊ جو چيئرپرسن نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي خاندان جي نمائندن، اڪيڊمي، دانشورن، سول سوسائٽي ۽ لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي شموليت جي توثيق ڪئي. يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي بورڊ جي جوڙجڪ جو ضروري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. ڊپٽي ڪمشنرن کي اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽيز لاءِ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. ڪابينا سنڌ اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽيز لاءِ (مئنيجمينٽ اينڊ ڊسپوزل) ايڪٽ، 2021ع تحت اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽيز لاءِ ملڪيتن جي تحفظ، ضابطي ۽ انتظام لاءِ سڄي سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنرن کي پنهنجي لاڳاپيل ضلعن جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. ان فيصلي جو مقصد سنڌ ۾ اويڪيو ٽرسٽ ملڪيتن جي انتظام سان لاڳاپيل قانوني ۽ انتظامي معاملن جي حل تائين انتظامي نگراني کي مضبوط ڪرڻ آهي.ڪابينا صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اينٽي ٽيررازم ايڪٽ، 1997ع ۽ سنڌ اينٽي ٽيررازم (امينڊمينٽ) ايڪٽ، 2025ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏني. انهن ترميمن جو مقصد دهشتگردي سان لاڳاپيل ڪيسن جي تيزيءَ سان نبيري کي يقيني بڻائڻ لاءِ دهشتگردي جي خاتمي وارين عدالتن جي انتظام ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي.