ڀارتي وزيراعظم 05 آگسٽ 2019ع تي آئين ۾ ترميمون ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو: سعيد غني

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت ڀارتي آئين ۾ ترميمون ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ۽ علائقي جي آباديءَ جي تناسب (ڊيموگرافي) کي تبديل ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي …

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت ڀارتي آئين ۾ ترميمون ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ۽ علائقي جي آباديءَ جي تناسب (ڊيموگرافي) کي تبديل ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي سازش ڪئي. هن چيو ته اڄ ڀارت ڪنهن به حوالي سان دنيا جي جمهوري ۽ انساني حقن جي معيارن تي پورو نٿو لهي. اهڙو اظهار هن يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي منعقد استحصالِ ڪشمير ريلي جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڪيو. ريلي صبح 9 وڳي پيپلز سيڪريٽريٽ ڪراچي کان هڪ منٽ جي خاموشي کانپوءِ شروع ٿي ۽ مزارِ قائد تي پهچي اختتام پذير ٿي. ريلي ۾ آل پاڪستان حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ شيخ عبدالمتين، وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص معاون راج سنگهه سوڍا، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس آزاد خان، مختلف سرڪاري کاتن جي اعليٰ آفيسرن، اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته پاڪستان هر سال 5 فيبروري تي يومِ يڪجهتي ڪشمير ملهائي پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته پاڪستان جي عوام سندن حقِ خوداراديت واري جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري نه رڳو گڏيل قومن جي قراردادن پر عالمي قانونن جي به ڀڃڪڙي ڪئي. سندس چوڻ هو ته مودي حڪومت ڀارت ۾ انتهاپسند هندو سوچ کي هٿي ڏئي رهي آهي، جنهن سبب مسلمانن سان گڏ ٻين ڪمزور طبقن جي زندگي به ڏکي بڻجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ غير مسلم شهرين کي آئين موجب مڪمل حق حاصل آهن ۽ کين ڪنهن به قسم جي مذهبي امتياز جو شڪار نه ٿو بڻايو وڃي، جڏهن ته ڀارت ۾ مذهبي اقليتن سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ بمبئي برياني، دهلي سوئيٽس ۽ ٻين ڀارتي نالن سان ڪاروبار آزاديءَ سان هلن ٿا ۽ ڪنهن کي به نالي جي بنياد تي تڪليف نه ڏني وئي، جڏهن ته ڀارت ۾ پاڪستان سان منسوب ڪاروبارن کي يا ته ساڙيو ويو، بند ڪيو ويو يا انهن جا نالا تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هندو، عيسائي ۽ ٻيون اقليتون برابر شهري حقن جون حقدار آهن ۽ کين سياسي نمائندگي سميت هر آئيني حق حاصل آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ اهڙي صورتحال نظر نٿي اچي. صوبائي وزير چيو ته 2025ع ۾ ڀارت پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان جي وقار کي نقصان پهچائڻ جي ارادي سان جنگ شروع ڪئي، پر الله تعاليٰ جي فضل، پاڪستاني قوم جي اتحاد ۽ هٿياربند فوجن جي بهادري سبب ڀارت کي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته ان کانپوءِ ڀارت عالمي سطح تي سفارتي اڪيلائي جو شڪار ٿيو، جڏهن ته پاڪستان جو مؤقف دنيا ۾ وڌيڪ مؤثر نموني ٻڌو ويو. سعيد غني اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺندي ۽ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻو حل يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن ڪشميري عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پنهنجي آزاد مرضي سان ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي آل پاڪستان حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ شيخ عبدالمتين پاڪستان جي عوام، سياسي جماعتن ۽ سرڪاري ادارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ ۾ يومِ استحصالِ ڪشمير جون تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪرڻ تي ٿورائتا آهن. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو به ڪشميري عوام جي حقن جي حمايت لاءِ اهم قدم کنيا.تقريب جي پڄاڻي تي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي نغما پيش ڪيا ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو.