بيجنگ _ 5 آگسٽ (اي پي پي ) چين چيو آهي ته هو آفريقي ملڪن کي پنهنجي حيثيت مطابق ايبولا وبا جي روڪٿام ۾ سهڪار فراهم ڪندو رهندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گذريل ڏينهن چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان جهموري ڪانگو ڏانهن موڪليل چين جي طبي ماهرن جي وفد بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته ايبولا جي وبا بدستور پکڙجي رهي آهي ۽ چين آفريقي …
آفريقي ملڪن کي ايبولا وبا جي روڪٿام ۾ سهڪار فراهم ڪندا رهنداسين: چين
بيجنگ _ 5 آگسٽ (اي پي پي ) چين چيو آهي ته هو آفريقي ملڪن کي پنهنجي حيثيت مطابق ايبولا وبا جي روڪٿام ۾ سهڪار فراهم ڪندو رهندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گذريل ڏينهن چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان جهموري ڪانگو ڏانهن موڪليل چين جي طبي ماهرن جي وفد بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته ايبولا جي وبا بدستور پکڙجي رهي آهي ۽ چين آفريقي ملڪن کي پنهنجي حيثيت مطابق وبا جي روڪ ٿام ۾ سهڪار فراهم ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته آفريقا ۾ ايبولا جي نئين وبا اچڻ بعد چين ان معاملي کي گهڻي اهميت ڏني ۽ مسلسل طبي ماهرن جو وفد جهموري ڪانگو سميت ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو ته جيئن وبا خلاف قدمن ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي جنهن کي مختلف حلقن ساراهيو آهي . هن چيو ته ماهرن جو ٽيون وفد وبا جي روڪ ٿام جي عملي ضرورت مطابق جهموريه ڪانگو ۽ عالمي تنظيمن سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.












