درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 41 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 11 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 45 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 45 …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 41 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 11 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 45 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 45 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 28 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 28 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 48 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 89 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 72 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 73 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 38 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 52 هزار 900 ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 98 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 1 لک وهڪرو 50 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 25 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1544 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.235 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1200.65فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.274 ملين ايڪڙ فٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.