سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران جشنِ آزادي 2026ع جي موقعي تي پوري مھيني جو شيڊيول پڌرو، 5 آگسٽ کان باقاعده شروعات

حيدرآباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جشنِ آزادي 2026ع جي حوالي سان سڄي آگسٽ مهيني دوران ٿيندڙ تقريبن ۽ سرگرمين جو تفصيلي پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت تعليمي، ثقافتي، سماجي، ماحولياتي، زرعي ۽ راندين سان لاڳاپيل مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. انهن سرگرمين جو مقصد شاگردن ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي، سماجي ذميواري ۽ قومي شعور کي هٿي وٺرائڻ آهي، ان سلسلي ۾ …

حيدرآباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جشنِ آزادي 2026ع جي حوالي سان سڄي آگسٽ مهيني دوران ٿيندڙ تقريبن ۽ سرگرمين جو تفصيلي پروگرام تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت تعليمي، ثقافتي، سماجي، ماحولياتي، زرعي ۽ راندين سان لاڳاپيل مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. انهن سرگرمين جو مقصد شاگردن ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي، سماجي ذميواري ۽ قومي شعور کي هٿي وٺرائڻ آهي، ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ جشنِ آزادي جي سڄي مهيني ۾ جاري رهندڙ سرگرمين، مختلف ڪاميٽين جي جوڙجڪ، ذميوارين جي ورهاست ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جشنِ آزادي جي تقريبن جي باقاعده شروعات 5 آگسٽ تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب سان ڪئي ويندي، اجلاس دوران چيئرمين اسٽيپ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر تجويز ڪيل شيڊيول پيش ڪندي ٻڌايو ته پهرئين هفتي ۾ افتتاحي سيمينار، يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي يڪجهتي ريلي ۽ آگاهي واڪ، جڏهن ته "گرين پاڪستان، گرين فيوچر” مهم تحت وڻڪاري ۽ ماحولياتي آگاهي جون سرگرميون منعقد ڪيون وينديون، هن ٻڌايو ته ٻئي هفتي دوران شاندار آزادي ريلي، مختلف فيڪلٽين جا ٽيبلو، روشنين جي تقريب، ثقافتي پروگرام، اردو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ تقريري مقابلا منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته 14 آگسٽ تي مرڪزي جشنِ آزادي تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ، قومي ترانو، وائيس چانسلر جو خطاب، وطن جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، نمايان اڳوڻن شاگردن ۽ ڊگهي عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ ملازمن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي، اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون وينديون، شيڊيول موجب ٽئين هفتي دوران فيڪلٽي آف اينيمل هسبنڊري اينڊ ويٽرنري سائنسز جي مزباني هيٺ مفت ويٽرنري ميڊيڪل ڪيمپ، مالوندن جي ويڪسينيشن، جانورن ۾ جيوڙن جي خاتمي لاءِ دوائن جي فراهمي، مون سون برساتن ۽ ٻوڏن سان منهن ڏيڻ توڙي موسمياتي تبديلي بابت آگاهي سيشن منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته آزادي اسپورٽس گالا جا فائنل پڻ ان ئي هفتي ۾ ٿيندا، چوٿين هفتي ۾ "ڪلين اينڊ گرين پاڪستان” مهم تحت يونيورسٽي ڪيمپس ۽ رهائشي ڪالوني ۾ صفائي ۽ وڻڪاري مهم هلائي ويندي، جڏهن ته هارين جي ڪنوينشن ۾ غذائي تحفظ، جديد زرعي ٽيڪنالاجي، موسمياتي تبديلي ۽ آبادگارن کي درپيش مسئلن بابت ماهرن جا خصوصي سيشن منعقد ٿيندا، پروگرام موجب آگسٽ جي پڄاڻي تي تقريب ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن، رضاڪارن ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويندا، جڏهن ته پهرين کان 10 سيپٽمبر تائين تقريبن بابت جامع رپورٽ، تصويرون، ميڊيا ڪوريج ۽ ٻيو رڪارڊ لاڳاپيل اختيارين ڏانهن اماڻيو ويندو. اجلاس ۾ رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، چيئرمين اسٽيپ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر عبداللطيف ڀٽو، ڊائريڪٽر ڪيمپس محمد اشرف رستماڻي، ڊاڪٽر قمرالدين جوڳي، ڊاڪٽر پيار علي شر، ڊاڪٽر غلام حسين وڳڻ ۽ ٻين آفيسرن ۽ استادن شرڪت ڪئي.