اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گلگت بلتستان ۾ براڊ چوٽيءَ سر ڪرڻ جي مهم دوران برفاني ڇپ ڪرڻ جي افسوسناڪ حادثي ۾ ناليواري جبل چاڙهو نرمل پورجا سميت 10 جبل چاڙهوئن جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ناليواري جبل چاڙهو نرمل پورجا سميت 10 جبل چاڙهوئن جي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گلگت بلتستان ۾ براڊ چوٽيءَ سر ڪرڻ جي مهم دوران برفاني ڇپ ڪرڻ جي افسوسناڪ حادثي ۾ ناليواري جبل چاڙهو نرمل پورجا سميت 10 جبل چاڙهوئن جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سوڳوار خاندانن جي گهرڀاتين سان گڏوگڏ چين، نيپال، اومان، برطانيا ۽ آمريڪا جي حڪومتن ۽ عوام سان پڻ دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي بهادر پاڪستاني جبل چاڙهو هنزه جي سهيل ساقي جي لاڏاڻي تي پڻ سوڳوار آهيون جنهن جي جرئت، عزم ۽ بلند جبلن سان غيرمعمولي محبت کي سدائين فخر سان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته فوت ٿيندڙ جبل چاڙهوئن پنهنجي عزم، همت ۽ اعلى ڪارڪردگي ماڻڻ جي لڳاءُ سان جبل چاڙهڻ جي حقيقي جذبي جي عڪاسي ڪئي جيڪو ايندڙ نسلن جي لاءِ سدائين تحرڪ جو سبب رهندو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته آئون پنهنجي ريسڪيو عملي جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن انتهائي ڏکئي ۽ بلند جابلو علائقن جي ڏکين حالتن ۾ پيشيواراڻي مهارت ۽ غيرمعمولي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان لاڳاپيل ملڪن جي سفارتخانن سان ويجهي رابطي ۽ تعاون جي ذريعي جاري ڳولا، ريسڪيو ڪاررواين جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.












