اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران پوليس جي بهادر آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس جي شهيدن جي نه وسارڻ جوڳي قربانين شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، شهيدن جي خاندانن …
پوليس جي شهيدن جي نه وسارڻ جوڳي قربانين مُلڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران پوليس جي بهادر آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس جي شهيدن جي نه وسارڻ جوڳي قربانين شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي ۽ هر ممڪن مدد کي يقيني بڻائڻ حڪوتم جي اولين ذميواري آهي. اڱاري ڏينهن پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جن ملڪ تي پنهنجي جان نڇاور ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ ڏوهن جي خلاف جنگ ۾ پوليس سدائين پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڻٿڪ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي، پوليس جي شهيدن جي نه وسارڻ جوڳي قربانين شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم پنهنجي غيرتمند فرزندن ۽ ڌيئرن کي سلام پيش ڪري ٿي جن جي بي لوث خدمتن ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ روشن مستقبل جي راهه هموار ڪئي. هن چيو ته اڄ پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي اسان پنهنجي شهيدن جي گهرڀاتين جي صبر، استقامت ۽ حوصلي کي پڻ خصوصي سلام پيش ڪريون ٿا. انهن جون قربانيون پوري قوم جون گڏيل قربانيون آهن، شهيدن جي خاندانن جي ڀلائي ۽ هر ممڪن مدد کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي گهرڀاتين کي معياري تعليم، صحت جي بهترن سهولتن ۽ ٻين فلاحي قدمن سميت هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي، ان مقدس قومي ذميواري جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت پُرعزم آهي. هن چيو ته شهيدن جي وطن جي دفاعي خاطر بي مثال قربانين جي ياد ۾ اڄ اسان وچن جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پوليس کي پنهنجي اهم قومي ذميوارين جي ادائگي جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. پوليس جي جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي گهربل جديد وسيلن سان ليس ڪيو ويندو. هن چيو ته اچو اسان سڀ گڏجي قانون جي بالادستي، انصاف جي تحفظ، دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ناسور جي مڪمل خاتمي ۽ پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين جي شايان شان هڪ پرامن، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ پختي عزم جو ورجاءُ ڪريون.










