ايٿوپين سفارتخاني جي انتظام هيٺ گرين ليگيسي قدمن تحت اسلام آباد ۾ وڻڪاري مهم منعقد

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) ايٿوپيا جي سفارتخاني ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گڏيل تعاون سان وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ وڻڪاري مهم منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني شهرين ايٿوپيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر ابي احمد جي مشهور گرين ليگيسي قدمن تحت وڻڪاري مهم جي پنهنجي روايت کي برقرار رکندي ڀرپور شرڪت جو مظاهرو ڪيو. ايٿوپيا جي سفارتخاني ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گڏيل تعاون سان …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) ايٿوپيا جي سفارتخاني ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گڏيل تعاون سان وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ وڻڪاري مهم منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني شهرين ايٿوپيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر ابي احمد جي مشهور گرين ليگيسي قدمن تحت وڻڪاري مهم جي پنهنجي روايت کي برقرار رکندي ڀرپور شرڪت جو مظاهرو ڪيو. ايٿوپيا جي سفارتخاني ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي گڏيل تعاون سان منعقد ان مهم ۾ سفارتڪارن، ڪاروباري شخصيتن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي نمائنده شخصيتن ٻوٽا لڳايا. اها تقريب ايٿوپيا جي هڪ ئي ڏينهن ۾ 800 ملين (80 ڪروڙ) ٻوٽا لڳائڻ جي قومي هدف سان عالمي يڪجهتي طور منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ايٿوپيا جي سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز ميلا گيٽاچو ٻڌايو ته ان تاريخي پروگرام تحت ايٿوپيا هاڻي تائين 48 ارب کان وڌيڪ ٻوٽا لڳائي چڪو آهي.

مزید خبریں