اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پوليس جي انهن بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن ملڪ جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، انهن جي بي مثال جرئت، اڻٿڪ وابستگي ۽ قومي خدمت ۾ ڏنل عظيم قربانيون پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳيون ۽ هر پاڪستان جي لاءِ قابل احترام رهنديون. …
پاڪستان پوليس جي شهيد بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پوليس جي انهن بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن ملڪ جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، انهن جي بي مثال جرئت، اڻٿڪ وابستگي ۽ قومي خدمت ۾ ڏنل عظيم قربانيون پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳيون ۽ هر پاڪستان جي لاءِ قابل احترام رهنديون. پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان پوليس ڏوهن، دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف پهرين صف ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، هدفي ڪاررواين دوران اعلى پيشيواراڻي مهارت ۽ موثر حڪمت عملي جو مظاهرو ڪندي پوليس ڏوهاري ۽ انتهاپسند عنصرن جي نيٽ ورڪس کي ناڪام بڻائڻ ۾ نمايان ڪامابيون حاصل ڪيون آهن. صدر چيو ته اها ڳالهه انتهائي حوصلي جوڳي آهي ته اسان جا پوليس اهلڪار معصوم جانين جي تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهن ۽ بي مثال قربانيون سان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن. هن چيو ته آئون خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اسان جي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي غيرمعمولي بهادري ۽ قربانين جو دل جي گهرائين سان معترف آهيان، دهشتگردن ۽ انهن جي غيرملڪي سرپرستن جي خلاف ڪاررواين ۾ انهن جو موثر ۽ فيصلائتو ڪردار قومي سطح تي ساراهه جوڳو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان پنهنجي شهيدن جي گهرڀاتين جي صبر، استقامت ۽ حوصلي کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا جن جي قربانين کي پوري قوم انتهائي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، انهن معزز خاندانن جي ڀلائي ۽ سماجي ۽ معاشي مدد اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. صدر چيو ته اڄ اسان ان عزم جو به ورجاءُ ڪريون ٿا ته پوليس سان واڳيل ادارن کي مضبوط، جديد ۽ موثر بڻايو ويندو، ان مقصد جي لاءِ بهتر تربيت، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ضروري وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن پوليس اهلڪار پنهنجون ذميواريون اعتماد، وقار ۽ پيشيواراڻي مهارت سان سرانجام ڏئي سگهن. هن چيو ته ان موقعي تي آئون پاڪستان پوليس جي انهن بهادر فرزندن ۽ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اعلى پيشيواراڻي قدرن سان، ملڪ جي امن ۽ سلامتي جي تحفظ جي لاءِ مسلسل پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. صدر چيو ته پاڪستان پوليس اسان جي معاشرتي ڍانچي جو هڪ بنيادي ٿنڀ آهي، اهي نه رڳو قانون جي حڪمراني ۽ امن امان جا محافظ آهن پر عوام جي اعتماد، سماجي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي جا پڻ امين آهن، انهن جون اڻٿڪ خدمتون اهو استحڪام فراهم ڪن ٿيون جنهن تي خاندانن، ڪاروباري سرگرمين ۽ قومي ادارن جي ترقي ۽ خوشحالي قائم آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن ان حقيقت جو به ورجاءُ ڪريون ٿا ته هڪ محفوظ، پرامن ۽ منصفاڻو معاشرو ئي قومي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي جو بنياد آهي، اسان پنهنجي پوليس فورس جي انهن بهادر آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بي لوث جذبي، غيرمعمولي جرئت ۽ اعلى پيشيواراڻي خدمتن تي دل ٿورن جو اظهار ڪريون ٿا جن جي ڪري پاڪستاني عوام جو مستقبل محفوظ آهي.










