ترڪيه - 01 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي مشهور ريلوي مينيوفيڪچرنگ ڪمپني ٽراسا ۽ دفاعي ۽ هاءِ ٽيڪنالاجي ڪمپني اسيلسن جو دورو ڪيو، جتي پاڪستان ريلوي جي جديدڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، گڏيل مينيوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل ريلوي نظام کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ريلوي وزارت موجب وفاقي وزير اعليٰ سطحي …
ترڪيه ۾ پاڪستان ريلوي جي جديدڪاري لاءِ اهم اڳڀرائي، ٽيڪنالاجي ۽ گڏيل مينيوفيڪچرنگ تعاون تي اتفاق

مزید خبریں
ترڪيه – 01 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي مشهور ريلوي مينيوفيڪچرنگ ڪمپني ٽراسا ۽ دفاعي ۽ هاءِ ٽيڪنالاجي ڪمپني اسيلسن جو دورو ڪيو، جتي پاڪستان ريلوي جي جديدڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، گڏيل مينيوفيڪچرنگ ۽ ڊجيٽل ريلوي نظام کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ريلوي وزارت موجب وفاقي وزير اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد سان گڏ جديد ريلوي ٽيڪنالاجي، مسافر ڪوچز، انجڻ، اليڪٽرڪ ۽ ڊيزل ملٽي پل يونٽس، فريٽ ويگنز، جديد پيداواري نظام، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ڪوالٽي ڪنٽرول جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. دوري دوران ترڪيه جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير عثمان بويراز، ٽراسا جي ڊائريڪٽر جنرل سليم ڪوچبائي، ٽي سي ڊي ڊي تاشيما جيلڪ جي ڊائريڪٽر جنرل اوفوڪ يالچن، ڊپٽي گورنر ساڪاريا ۽ اسيلسن جي اختيارين پاڪستاني وفد کي جديد ريلوي آپريشنز، سنگلنگ، مواصلاتي نظام، سائبر سيڪيورٽي ۽ اسمارٽ ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجيز تي بريفنگ ڏني. پاڪستان ريلوي، ٽراسا ۽ اسيلسن وچ ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، گڏيل مينيوفيڪچرنگ، رولنگ اسٽاڪ جي جديدڪاري، جديد سنگلنگ، ٽيلي ڪميونيڪيشن، خودڪار ٽرين ڪنٽرول، سائبر سيڪيورٽي ۽ ذهين ريلوي نظام ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو. ان کان علاوه ڪيرج فيڪٽري اسلام آباد ۽ پاڪستان ريلوي جي ورڪشاپس کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ مقامي سطح تي ريلوي اوزارن جي تياري جي امڪانن تي به اتفاق راءِ ڏٺو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي جي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن، جديد ٽريفڪ مينجمينٽ، فائبر آپٽڪ، مواصلاتي نظام ۽ محفوظ ريلوي آپريشن حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ايم ايل ون، ايم ايل ٿري ۽ اسلام آباد تهران استنبول (آءِ ٽي آءِ) فريت ڪوريڊور جي ڪاميابي لاءِ جديد ريلوي ٽيڪنالاجي اڻٽر آهي. جڏهن ته عالمي معيار جي سنگلنگ ۽ مواصلاتي نظام سان علائقائي رابطن ۽ فريٽ آپريشنز وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.











