خيبرپختونخواه ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ انتظام مڪمل آهن، چونڊون قانوني ترميم سبب دير جو شڪار ٿي رهيون آهن: چونڊ ڪميشن

پشاور- 01 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ( اي سي پي) چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن جڏهن ته صوبائي لوڪل گورنمنٽ قانون ۾ تازي ترميم سبب ڪجهه ضلعن ۾ چونڊ عمل ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي. جاري ڪيل بيان موجب صوبي جي 23 ضلعن ۾ تڪ بندين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقي 7 …

پشاور- 01 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ( اي سي پي) چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن جڏهن ته صوبائي لوڪل گورنمنٽ قانون ۾ تازي ترميم سبب ڪجهه ضلعن ۾ چونڊ عمل ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي. جاري ڪيل بيان موجب صوبي جي 23 ضلعن ۾ تڪ بندين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقي 7 ضلعن ۾ ڪم جاري آهي. اي سي پي موجب آئين ۽ اليڪشنز ايڪٽ تحت مقامي حڪومتن جو مدو ختم ٿيڻ جي 120 ڏينهن اندر لوڪل گورنمنٽ چونڊون ڪراڻ جي پابند آهي. تڪ بندين جي عمل دوران لوڪل گورنمنٽ جي قانون ۾ بار بار ٿيندڙ ترميم چونڊن جي وقت تي منعقد ٿيڻ کي متاثر ڪيو آهي.

مزید خبریں