اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي روزانو جي بنياد تي منعقد ٿيندڙ ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي جو نائون اجلاس اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي صدارت رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ويڊيو لنڪ ذريعي ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي عملدارن ۽ لاڳاپيل کاتن جي اڳواڻن …
ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي جو نائون اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي روزانو جي بنياد تي منعقد ٿيندڙ ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي جو نائون اجلاس اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي صدارت رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ويڊيو لنڪ ذريعي ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي عملدارن ۽ لاڳاپيل کاتن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. اين ڊي ايم اي جي ميڊيا ونگ موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين ملڪ ۾ سانوڻي جي تازين برساتن جي صورتحال، جاني ۽ مالي نقصان، امداد ۽ بحالي وارين سرگرمين تي ڪميٽي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪميٽي برساتن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ لاڳاپيل وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي ادارن جي وقت تي امدادي قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس دوران وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن ۽ ضلعي انتظاميا جي ريسڪيو ۽ بحالي وارين ڪوششن جي تعريف ڪئي وئي. ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي سمورن لاڳاپيل ادان کي گڏيل رابطن، اڳواٽ تياري، امدادي ڪاررواين ۽ بحالي واري عمل ۾ وڌيڪ آئڻ جي هدايت ڪئي.











