اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ محمد اقبال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ محمد اقبال جي لاڏاڻي سان پارليامان هڪ مخلص، باوقار ۽ عوام دوست ميمبر کان محروم ٿي وئي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ طرفان جاري تعزيتي بيان ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ملڪ محمد اقبال جي پارلياماني، …
اسپيڪر سردار اياز صادق پاران قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ محمد اقبال جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ محمد اقبال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ محمد اقبال جي لاڏاڻي سان پارليامان هڪ مخلص، باوقار ۽ عوام دوست ميمبر کان محروم ٿي وئي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ طرفان جاري تعزيتي بيان ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ملڪ محمد اقبال جي پارلياماني، سياسي ۽ عوامي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. مرحوم عوامي خدمت کي هميشه پنهنجي سياسي زندگي جو مقصد بڻائي رکيو. هن چيو ته ملڪ محمد اقبال جون خدمتون قومي سياست ۽ جمهوري روايتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدر جوڳيون آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسيپڪر ملڪ ظهير اقبال چنڙ سان سندس والد جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيوته والد جو جو وڇوڙو ناقابل تلافي نقصان آهي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ مرحوم جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. سردار اياز صادق، الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي.











