اوگرا ايل پي جي، جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي، جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جمعي ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ في ڪلو 12 رپيا 88 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي، جي گهريلو سلينڊر ۾ 152 رپيا هڪ پئسا واڌ کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام جي ايل پي جي، جي سلينڊر جي نئين …

اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي، جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جمعي ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ في ڪلو 12 رپيا 88 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي، جي گهريلو سلينڊر ۾ 152 رپيا هڪ پئسا واڌ کانپوءِ 11.8 ڪلوگرام جي ايل پي جي، جي سلينڊر جي نئين قيمت 3 هزار 92 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ايل پي جي، جي نئين قيمت اڄ پهرين آگسٽ کان لاڳو هوندي. ايل پي جي، جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن اوگرا جي ويب سائٽ تي موجود آهي. اوگرا ترجمان موجب ايل پي جي، جي پيداواري قيمت سعودي آرامڪو ڪنٽريڪٽ پرائس (سي پي) ۽ آمريڪي ڊالر جي مٽاسٽا واري شرح سان منسلڪ آهي. گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ سعودي آرامڪو سي پي ۾ 6.75 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ڊالر جي سراسري مٽاسٽا واري شرح ۾ 0.12 سيڪڙو جي معمولي گهٽتائي واقع ٿي آهي.

مزید خبریں