اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڊائريڪٽر جنرل ٽريڊ آرگنائزيشنز کي هدايت ڪئي ته هو آئينده سڄي ملڪ ۾ چيمبرز آف ڪامرس ۽ ٽريڊ ايسوسيئيشنز جي چونڊن کي مضبوط نگراني، ڊجيٽلائزيشن ۽ ادارا جاتي سڌارن ذريعي شفاف، منصفاڻي ۽ قابل اعتماد انداز ۾ منعقد ڪيو وڃي. جمعي ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب ڊائريڪٽر جنرل ٽريڊ آرگنائيزيشنز بلال خان پاشا سان 28-2026ع جي …
سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس ۽ ٽريڊ ايسوسيئيشن جي چونڊن کي شفاف، منصفاڻو ۽ قابلِ اعتماد انداز ۾ منعقد ڪيو وڃي: ڄام ڪمال خان
اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڊائريڪٽر جنرل ٽريڊ آرگنائزيشنز کي هدايت ڪئي ته هو آئينده سڄي ملڪ ۾ چيمبرز آف ڪامرس ۽ ٽريڊ ايسوسيئيشنز جي چونڊن کي مضبوط نگراني، ڊجيٽلائزيشن ۽ ادارا جاتي سڌارن ذريعي شفاف، منصفاڻي ۽ قابل اعتماد انداز ۾ منعقد ڪيو وڃي. جمعي ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب ڊائريڪٽر جنرل ٽريڊ آرگنائيزيشنز بلال خان پاشا سان 28-2026ع جي واپاري ادارن جي چونڊن جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت واپاري ادارن جي انتظامي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته چونڊ عمل شفافيت، جوابدهي ۽ انصاف جي اعليٰ ترين معيارن جي عڪاسي ڪري. ڄام ڪمال خان چيو ته پارليامينٽ طرفان ٽريڊ آرگنائيزيشنز ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوريءَ کانپوءِ ضابطه جاتي فريم ورڪ کي مؤثر بڻائڻ ۽ واپاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن وڌيڪ چيو ته واپار واري وزارت، ڊي جي ٽي او کي ان جي آپريشنز کي جديد ۽ ڊجيٽل بنائڻ لاءِ مڪمل اداره جاتي معاونت فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن هو چونڊن دوران ۽ ان کان پوءِ به چيمبرز ۽ ٽريڊ ايسوسيئيشنز کي وڌيڪ مؤثر انداز ۾ سهولتون فراهم ڪري سگهي. ڄام ڪمال خان ڊي جي ٽي او کي هدايت ڪئي ته چونڊ انتظامن جي ڊجيٽل نظام کي تيز رفتاريءَ سان هٿي ڏني وڃي، جنهن لاءِ وزارت جي ويب سائٽ تي هڪ مخصوص چونڊ پورٽل قائم ڪيو وڃي جنهن ۾ چونڊ شيڊول، لاڳاپيل قانونن ۽ قاعدن، نوٽيفڪيشنز، ووٽر فهرستون، چونڊ نتيجا ۽ ٻي معلومات اسٽيڪ هولڊرز لاءِ دستياب هجي. هن ڊي جي ٽي او کي اها به هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊ سرگرمين جي حقيقت وقت ۾ نگرانيءَ لاءِ هڪ ڊجيٽل ڊيش بورڊ تيار ڪيو وڃي ۽ سمورن واپاري ادارن کي هدايت ڪئي ته هو چونڊ شيڊول، ووٽر فهرستن ۽ چونڊ نتيجن جي سافٽ ڪاپي جي صورت ۾ جمع ڪرائين ته جيئن مؤثر ڊجيٽل انتظام ۽ نگراني ممڪن بڻائي سگهجي. شفافيت ۽ معلومات تائين برابريءَ جي رسائيءَ تي زور ڀريندي وزير هدايت ڪئي ته حتمي ووٽر فهرستون ٽريڊ آرگنائيزيشنز ايڪٽ ۽ قاعدن موجب شايع ڪيون وڃن ۽ جامع معياري ۽ عملي طريقيڪار جاري ڪئي وڃي ته جيئن سمورن واپاري ادارن ۾ چونڊ طريقيڪار تي هڪجهڙي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. ڄام ڪمال خان چيو ته پهريون ڀيرو ڊي جي ٽي او جي نگرانيءَ لاءِ اضافي افرادي قوت فراهم ڪئي وئي آهي. واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان، اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن ۽ ٻين سرڪاري ادارن جا آفيسر چونڊن دوران آزاد مبصرن ۽ گواهن طور خدمتون انجام ڏين ته جيئن شفافيت کي هٿي ڏئي سگهجي ۽ بعد ۾ ملندڙ شڪايتن يا اپيلن لاءِ قابلِ اعتماد دستاويزي شاهديون فراهم ڪري سگهجن.










