ملتان-31 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ عالمي معيار جي سهولتن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق تي ٻَڌل ماحول تحسين جوڳو آهي، اهڙا ادارا مايوسيءَ جي ماحول جي خاتمي ۽ نوجوانن ۾ اُميد پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجن ٿا. ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ اسڪول آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز جي افتتاحي تقريب …
هيلٿ ڪيئر جو مقصد اسپتال ٺاهڻ نه، انسان کي بيمار ٿيڻ کان بچائڻ آهي: صحت وارو وفاقي وزير
ملتان-31 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ عالمي معيار جي سهولتن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق تي ٻَڌل ماحول تحسين جوڳو آهي، اهڙا ادارا مايوسيءَ جي ماحول جي خاتمي ۽ نوجوانن ۾ اُميد پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجن ٿا. ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ اسڪول آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن يونيورسٽي انتظاميه کي واڌايون پيش ڪندي چيو ته کين پنهنجي منصب سبب سڄي ملڪ مان مختلف نوعيت جي معلومات ملندي رهندي آهي جڏهن ته ڪنهن ماحول ۾ مايوسي محسوس ٿئي ته ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جهڙن ادارن کي ڏسڻ گهرجي جتي هاڪاري سوچ، محنت ۽ مستقبل جي اميد نظر اچي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيءَ جو ماحول کيس تمام گهڻو پسند آيو، هتي عالمي معيار جون ڪيتريون ئي سهولتون ۽ جديد ٽيڪنالاجي موجود آهي. الله تعاليٰ ان وقت اهڙن ڪمن ۾ ڪاميابي عطا ڪندو آهي جڏهن نيت صاف ۽ جذبو مضبوط هجي. هن چيو ته اهڙا ادارا قائم ڪرڻ لاءِ غير معمولي محنت ۽ جنون گهربل هوندي آهي جيڪو کيس هتي واضح طور تي محسوس ٿيو. وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به شعبي ۾ هڪ اهڙو معيار قائم ڪرڻ ضروري آهي جنهن کي ٻيا فالو ڪن. جيڪڏهن مستقبل ۾ ٻيون يونيورسٽيون به ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ماڊل کي اختيار ڪن ته ان جو ڪريڊٽ ان اداري جي انتظاميه کي به ملندو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 6.7 ملين ٻارن جي پيدائش ٿئي ٿي جڏهن ته زچگي ۽ ان سان لاڳاپيل پيچيدگين سبب ساليانو اٽڪل 11 هزار عورتون موت جي ور چڙهي وينديون آهن. هن چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي فوتگيون به هڪ وڏو چئلينج آهي. وفاقي وزير شاگردن تي زور ڀريو ته هو يونيورسٽي مان فارغ ٿي صرف ڊگري وٺي نه نڪرن پر پنهنجي شعبي جي ماهر ۽ پروفيشنل بڻجي نڪرن ته جيئن ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن يونيورسٽي انتظاميه کي چيو ته هو پنهنجي ڪم کي روڪڻ بدران ان ئي جذبي ۽ محنت سان اڳتي وڌندا رهن. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو وڌيڪ ماڻهن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ملتان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو دؤرو ڪرڻ جي ترغيب ڏين ته جيئن هو هتي موجود سهولتن ۽ جديد نظام کي ڏسن ۽ ان مان سکن.










