اسلام آباد-31 جولاءِ(اي پي پي) سينيٽ چيئر مين سردار اياز صادق ڪوئٽه جي علائقي سورينج ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي سبب ڪيترن ئي پورهيتن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويل پورهيتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پورهيت اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن. هن متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي …
سينيٽ چيئرمين پاران ڪوئٽه ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد-31 جولاءِ(اي پي پي) سينيٽ چيئر مين سردار اياز صادق ڪوئٽه جي علائقي سورينج ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي سبب ڪيترن ئي پورهيتن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويل پورهيتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پورهيت اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن. هن متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوري قوم ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهي.هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته کاڻ ۾ ڦاٿل وڌيڪ پورهيتن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ لاءِ سمورن وسيلن کي ڪتب آندو وڃي ۽ امڪاني طور تي انساني حياتين کي بچايو وڃي. ڊپٽي چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي مغفرت ۽ زخمين جي صحت يابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.










