سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران ڪوئٽه ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-31 جولاءِ(اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئر مين سيدال خان ڪوئٽه جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي سبب ڪيترن ئي پورهيتن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڊپٽي چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويل پورهيتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوري قوم ڏک جي هن گهڙي ۾ …

اسلام آباد-31 جولاءِ(اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئر مين سيدال خان ڪوئٽه جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل ڌماڪي سبب ڪيترن ئي پورهيتن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڊپٽي چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويل پورهيتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوري قوم ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهي.هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته کاڻ ۾ ڦاٿل وڌيڪ پورهيتن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ لاءِ سمورن وسيلن کي ڪتب آندو وڃي ۽ ممڪنه طور تي انساني جانين کي بچايو وڃي. ڊپٽي چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي مغفرت ۽ زخمين جي صحت يابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں