فاطمه جناح عورتن کي قومي ترقي ۽ سياسي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو شعور ڏنو: سينٽر روبينه خالد

اسلام آباد - 31 جولاءِ(اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين سينٽر روبينه خالد چيو آهي ته محترمه فاطمه جناح عورتن کي قومي ترقي ۽ سياسي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو شعور ڏنو. مادر ملت فاطمه جناح جي 133 هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته محترم فاطمه جناح جي سالگره اسان کي ان جهموريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ بي مثال …

اسلام آباد – 31 جولاءِ(اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين سينٽر روبينه خالد چيو آهي ته محترمه فاطمه جناح عورتن کي قومي ترقي ۽ سياسي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو شعور ڏنو. مادر ملت فاطمه جناح جي 133 هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته محترم فاطمه جناح جي سالگره اسان کي ان جهموريت، آئين ۽ عوامي حقن لاءِ بي مثال جدوجهد جي ياد ڏياري  ٿي. هن عورتن کي قومي ترقي ۽ سياسي عمل ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو شعور ڏنو، سندس خدمت هميشه ياد رکي ويندي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته مادر ملت جي ديانت، جرئت ۽ اصولي سياست ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راه آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته مادر ملت جي قومي خدمتن کي سلام پيش ڪيون ٿا، سندس نالو هميشه عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو.

مزید خبریں