بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 34 ٿي ويو

ڪوئيٽا-31 جولاءِ (اي پي پي) ڪوئيٽا جي پسگردائي واري علائقي سورينج واري هنڌ اسپن ڪاريز ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ سبب اوچتو ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، جڏهن ته کاڻ ۾ ڦاٿل وڌيڪ پورهيتن جي ڳولا ۽ کين حفاظت سان سان ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن هن وقت تائين جاري آهي. پي ڊي ايم اي بلوچستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق …

ڪوئيٽا-31 جولاءِ (اي پي پي) ڪوئيٽا جي پسگردائي واري علائقي سورينج واري هنڌ اسپن ڪاريز ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ سبب اوچتو ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، جڏهن ته کاڻ ۾ ڦاٿل وڌيڪ پورهيتن جي ڳولا ۽ کين حفاظت سان سان ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن هن وقت تائين جاري آهي. پي ڊي ايم اي بلوچستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پيش آيل حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائين ۾ ريسڪيو ٽيمن هن وقت تائين 34 پورهيتن جا لاش ڪڍي ورتا آهن. حادثي کانپوءِ متاثر کاڻ ۾ وڌيڪ پورهيتن جي ڦاٿل هجڻ جو خدشو آهي، جن جي ڳولا لاءِ امدادي ٽيمون مسلسل ڪارروائين ۾ مصروف آهن. اختيارين مطابق ڪوئلي جي کاڻ ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ کاڻ جو هڪ حصو ڊهي پيو ۽ ڪيترائي پورهيت ملبي هيٺان دٻجي ويا. اختيارين جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن کي سمورن متاثر پورهيتن کي کاڻ مان ڪڍڻ تائين جاري رکيو ويندو. اختيارين مطابق ريسڪيو ٽيمون کاڻ ۾ ڦاٿل پورهيتن جي ڳولا لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪري رهيون آهن ۽ امدادي ڪاررواين جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں